سڄي ملڪ ۾ پوليو جي خاتمي لاءِ جامع ۽ مسلسل قدم جاري

اسلام آباد- 16 ڊسمبر (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ پوليو جي خاتمي لاءِ مربوط ۽ مسلسل قدم جاري آهن. قومي پوليو جي خاتمي واري مهم ٻئي ڏينهن به ڀرپور انداز ۾ جاري رهي، پوليو مهم جي پهرين ڏينهن 1 ڪروڙ 33 لک کان وڌيڪ ٻارن جي ويڪسينيشن مڪمل ڪئي وئي. نيشنل ايمرجنسي آپريشن سينٽر طرفان جاري تفصيل مطابق پنجاب ۾ 72 لک 30 هزار ٻارن کي پوليو کان بچاءَ …

اسلام آباد- 16 ڊسمبر (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ پوليو جي خاتمي لاءِ مربوط ۽ مسلسل قدم جاري آهن. قومي پوليو جي خاتمي واري مهم ٻئي ڏينهن به ڀرپور انداز ۾ جاري رهي، پوليو مهم جي پهرين ڏينهن 1 ڪروڙ 33 لک کان وڌيڪ ٻارن جي ويڪسينيشن مڪمل ڪئي وئي. نيشنل ايمرجنسي آپريشن سينٽر طرفان جاري تفصيل مطابق پنجاب ۾ 72 لک 30 هزار ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پياريا ويا، سنڌ ۾ 26 لک 1 هزار، خيبر پختونخوا ۾ 23 لک 4 هزار، بلوچستان ۾ 7 لک 6 هزار کان وڌيڪ ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پياريا ويا، جڏهن ته اسلام آباد ۾ 1 لک 46 هزار، گلگت بلتستان ۾ 89 هزار کان وڌيڪ، آزاد ڄمون ڪشمير ۾ 2 لک 42 هزار کان وڌيڪ ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پياريا ويا. پوليو هڪ لا علاج مرض آهي جيڪو ٻارن کي سڄي زندگي لاءِ معذور بڻائي ڇڏيندو آهي، نيشنل اي او سي جي پوليو ٽيمن کي آجيان ڪئي وڃي ۽ پنهنجي ٻارن کي پوليو کان ٻارن بچاءَ جا ڦڙا لازمي پياريا وڃن. 

مزید خبریں