اي پي ايس پشاور جي شهيدن جي قرباني ياد ڏياري ٿي ته دهشتگردي جي خلاف جدوجهد ۾ اسان جي قوم ڪيتري وڏي قيمت ادا ڪئي آهي: صدر آصف علي زرداري

اسلام آباد – 16 ڊسمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته اڄ اسان آرمي پبلڪ اسڪول جي انهن معصوم ٻارن ۽ عملي کي ياد ڪري رهيا آهيون جيڪي 11 سال اڳ 16 ڊسمبر 2014ع جي بي رحماڻي دهشتگرد حملي ۾ شهيد ٿيا، انهن جي قرباني اسان کي ياد ڏياري ٿي ته دهشتگردي جي خلاف جدوجهد ۾ اسان جي قوم ڪيتري وڏي قيمت ادا ڪئي آهي. ايوان …

اسلام آباد – 16 ڊسمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته اڄ اسان آرمي پبلڪ اسڪول جي انهن معصوم ٻارن ۽ عملي کي ياد ڪري رهيا آهيون جيڪي 11 سال اڳ 16 ڊسمبر 2014ع جي بي رحماڻي دهشتگرد حملي ۾ شهيد ٿيا، انهن جي قرباني اسان کي ياد ڏياري ٿي ته دهشتگردي جي خلاف جدوجهد ۾ اسان جي قوم ڪيتري وڏي قيمت ادا ڪئي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران آرمي پبلڪ اسڪول پشاور تي حملي جي 11هين ورسيءَ جي موقعي تي جاري ڪيل پنهنجي پيغام ۾ صدر چيو ته اڄ اسان آرمي پبلڪ اسڪول جي انهن معصوم ٻارن ۽ عملي کي ياد ڪري رهيا آهيون جيڪي 11 سال اڳ 16 ڊسمبر 2014ع جي بي رحماڻي دهشتگرد حملي ۾ شهيد ٿيا، انهن جي قرباني اسان کي ياد ڏياري ٿي ته دهشتگردي جي خلاف جدوجهد ۾ اسان جي قوم ڪيتري وڏي قيمت ادا ڪئي آهي. صدر چيو ته اسان انهن خاندانن سان گڏ بيٺل آهيون جيڪي اڄ به اهو ڏک حوصلي ۽ وقار سان برداشت ڪري رهيا آهن، پوري قوم اي پي ايس سانحي جي متاثر خاندانن جي حوصلي کي سلام پيش ڪري ٿي جن پنهنجي ڏک کي پاڪستان جي لاءِ طاقت ۾ بدلايو. صدر آصف علي زرداري چيو ته دهشتگردي جي خاتمي جي لاءِ پاڪستان جو عزم اڻٿڪ آهي، دهشتگردن ۽ انهن جي حامين جي مالي مدد ڪندڙن، پناهه ڏيندڙن يا جواز فراهم ڪندڙن جي لاءِ ڪا نرمي نه ٿي سگهي جيڪي رياست جي خلاف هٿيار کڻن يا اسان جي ٻارن کي نشانو بڻائين، انهن سان ڪنهن به قسم جي ڳالهه ٻولهه، مفاهمت ۽ مصالحت نٿي ٿي سگهي. صدر چيو ته اسان پاڪستان ۾ ڀارتي سرپرستي ۾ ٿيندڙ دهشتگردي جي سخت مذمت ڪريون ٿا، اسان جي ملڪ کي عدم استحڪام جو شڪار ڪرڻ جي انهن سرگرمين ۾ ملوث هجڻ جا واضح ۽ دستاويزي ثبوت موجود آهن. هن چيو ته پاڪستان انهن ڪڌين سرگرمين کي بي نقاب ڪندو رهندو ۽ پنهنجي عوام جو پوري قوت سان دفاع ڪندو. صدر چيو ته ان موقعي تي آئون دهشتگردن ۽ انهن جي حامين ۽ سهولتڪارن کي چتاءُ ڏيان ٿو ته اهي ڪو به سياسي، نظرياتي يا خارجي چوغو پائي اچن، اسان انهن جو اصل چهرو به ماڻهن آڏو پڌرو ڪنداسين بلڪه معرڪه حق ۾ ڪاميابي جي جذبي سان انهن کي شڪست ڏينداسين. صدر آصف علي زرداري چيو ته آئون اڄ پنهنجي سيڪيورٽي فورسز، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ انٽيليجنس سروسز کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو جن جي ڪوششن سان اهڙن ڪيترن ئي سانحن کي روڪيو ويو. هن چيو ته اي پي ايس جي شهيدن جي ياد اسان جي ان عزم کي وڌيڪ مضبوط ڪري ٿي. پاڪستان امن جي دشمنن کي ڪڏهن به ڪامياب ٿيڻ نه ڏيندو.

مزید خبریں