وفاقي وزير رانا تنوير حسين جي صدارت هيٺ ڪڻڪ بابت قومي نگران ڪميٽي جو اجلاس

اسلام آباد-15 ڊسمبر (اي پي پي) قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير رانا تنوير حسين جي صدارت هيٺ عارضي قومي ڪڻڪ پاليسي 26-2025ع تحت قائم ڪيل ڪڻڪ بابت قومي نگران ڪميٽي جو پهريون اجلاس قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وزارت ۾ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ خوراڪ ۽ زراعت بابت صوبائي ۽ علائقائي سيڪريٽريز کان علاوه لاڳاپيل کاتن جي سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ عارضي قومي ڪڻڪ …

اسلام آباد-15 ڊسمبر (اي پي پي) قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير رانا تنوير حسين جي صدارت هيٺ عارضي قومي ڪڻڪ پاليسي 26-2025ع تحت قائم ڪيل ڪڻڪ بابت قومي نگران ڪميٽي جو پهريون اجلاس قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وزارت ۾ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ خوراڪ ۽ زراعت بابت صوبائي ۽ علائقائي سيڪريٽريز کان علاوه لاڳاپيل کاتن جي سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ عارضي قومي ڪڻڪ پاليسي 26-2025ع جي مقصدن ۽ ان کي لاڳو ڪرڻ جي فريم ورڪ تي ڌيان ڏنو ويو. اجلاس دوران وفاقي وزير ملڪي غذائي ضرورتون پوريون ڪرڻ ۾ ڪڻڪ جي اسٽريٽجڪ اهميت کي اجاگر ڪيو ۽ قومي غذائي تحفظ کي يقيني بڻائڻ لاءِ ڪڻڪ جي پوکيءَ ۾ واڌ تي زور ڀريو. پاليسيءَ جي مقصد موجب ايندڙ ڪڻڪ جي سيزن جي فصل جي خريداري جي طريقيڪار تي تفصيلي غور ڪيو ويو. عارضي قومي ڪڻڪ پاليسي 26-2025ع جو مقصد رياست جي اثر هيٺ خريداريءَ جي نظام سان مارڪيٽ تي ٻَڌل ڪڻڪ جي معيشت طرف منتقلي، مارڪيٽ موجب اشارياتي قيمتن ذريعي قيمتن ۾ استحڪام کي يقيني بڻائڻ ۽ غذائي تحفظ لاءِ مناسب اسٽريٽجڪ ذخيرن جي تعمير ۽ انتظام ڪرڻ آهي. ان پاليسيءَ جو مقصد ڪڻڪ جي خريداري، ذخيره اندوزي ۽ واپار ۾ نجي شعبي جي شموليت کي هٿي وٺرائڻ، ڪڻڪ جي انتظام سان لاڳاپيل مالي ۽ نيم مالي بار ۾ گهٽتائي آڻڻ ۽ پاڪستان جي قومي ڪڻڪ مارڪيٽ ۾ آزاد ۽ چٽاڀيٽي واپار کي هٿي وٺرائڻ پڻ آهي. ان کان علاوه اها پاليسي صوبن جي پنهنجي مقامي ضرورتن موجب سماجي تحفظ جي نظام جي ڊزائين ۾ لچڪ فراهم ڪري ٿي. وفاقي وزير صوبائي حڪومتن تي زور ڀريو ته هو پنهنجي پنهنجي دائره اختيار ۾ عارضي قومي ڪڻڪ پاليسي 26-2025ع تي مڪمل عملدرآمد کي يقيني بڻائين ته جيئن ڪڻڪ جي آبادگارن ۽ اٽي جي صارفين جي حقن جو تحفظ ڪري سگهجي. هن ڪڻڪ جي ويليوچين ۾ نجي شعبي جي شموليت جي اهميت تي زور ڀريو ته جيئن نوان ڪاروباري موقعا پيدا ٿين ۽ خاص ڪري نوجوانن لاءِ روزگار جا موقعا ميسر ٿين. وفاقي وزير وڌيڪ زور ڀريو ته سموريون صوبائي حڪومتون غذائي تحفظ کي يقيني بنائڻ لاءِ پنهنجي آباديءَ جي ضرورتن موجب اسٽريٽجڪ ڪڻڪ جا ذخيرا برقرار رکن. وفاقي، صوبائي ۽ علائقائي اسٽيڪ هولڊرز آبادگارن، صارفين ۽ قومي معيشت جي مفاد ۾ عارضي قومي ڪڻڪ پاليسي 26-2025ع جي اثرائتي طور لاڳو ڪرڻ لاءِ گڏيل سهڪار سان ڪم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.

مزید خبریں