پاڪستان قطر سان پنهنجن ناتن کي گهڻي اهميت ڏئي ٿو: خواجه محمد آصف

اسلام آباد-15 ڊسمبر (اي پي پي) بچاءَ واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف پاڪستان قطر سان پنهنجن ناتن کي وڏي اهميت ڏئي ٿو، ٻنهي ملڪن کي پنهنجي سهڪار کي اقتصادي دائري کان ٻاهر دفاع، فوجي مشقن ۽ ماڻهن جي تربيت ۽ گڏيل منصوبن تائين وڌائڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. بچاءَ واري وزارت مان جاري بيان موجب بچاءَ واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف سان قطر جي سفير …

اسلام آباد-15 ڊسمبر (اي پي پي) بچاءَ واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف پاڪستان قطر سان پنهنجن ناتن کي وڏي اهميت ڏئي ٿو، ٻنهي ملڪن کي پنهنجي سهڪار کي اقتصادي دائري کان ٻاهر دفاع، فوجي مشقن ۽ ماڻهن جي تربيت ۽ گڏيل منصوبن تائين وڌائڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. بچاءَ واري وزارت مان جاري بيان موجب بچاءَ واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف سان قطر جي سفير علي مبارڪ علي عيسي الخاطر ملاقات ڪئي. وفاقي وزير قطر جي سفير جي آجيان ڪندي چيو ته پاڪستان قطر سان پنهنجن ناتن کي تمام گهڻي اهميت ڏئي ٿو. وفاقي وزير چيو ته قطر هڪ اهم ملڪ آهي ۽ ان جو خطي ۾ اهم ڪردار آهي، قطر سان اسان جا ناتا گڏيل احترام ۽ ٻه طرفي سهڪار تي ٻَڌل آهن. بچاءَ واري وفاقي وزير ٻنهي ڌُرين کي پنهنجي سهڪار کي اقتصادي دائري کان ٻاهر دفاع، فوجي مشقن ۽ ماڻهن جي تربيت ۽ گڏيل منصوبن تائين وڌائڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، اسان جا عسڪري ادارا قطري هٿياربند فوج لاءِ وڌيڪ تربيتي سهولتن مان فائدو کڻڻ لاءِ کُليل آهن. معزز مهمان ٻنهي ملڪن وچ ۾ دفاعي شعبي ۾ سهڪار جي موجوده دائره ڪار تي اطمينان جو اظهار ڪيو.

مزید خبریں