ڪويت-15 ڊسمبر (اي پي پي) پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ ڪويت جي تيل واري وزير طارق سليمان الرومي سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ پيٽروليم جي شعبي ۾ ٻه طرفي سهڪار کي وڌيڪ هٿي وٺرائڻ تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پيٽروليم ڊويزن جي ترجمان موجب وفاقي وزير ان موقعي تي چيو ته پاڪستان ۽ ڪويت وچ ۾ ناتن جو بنياد گڏيل …
وفاقي وزير علي پرويز ملڪ جي ڪويت جي تيل واري وزير سان ملاقات، توانائيءَ جي شعبي ۾ سهڪار وڌيڪ مضبوط بنائڻ تي اتفاق

مزید خبریں
ڪويت-15 ڊسمبر (اي پي پي) پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ ڪويت جي تيل واري وزير طارق سليمان الرومي سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ پيٽروليم جي شعبي ۾ ٻه طرفي سهڪار کي وڌيڪ هٿي وٺرائڻ تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پيٽروليم ڊويزن جي ترجمان موجب وفاقي وزير ان موقعي تي چيو ته پاڪستان ۽ ڪويت وچ ۾ ناتن جو بنياد گڏيل احترام، اعتماد ۽ ڏهاڪن جي سهڪار تي ٻَڌل آهي. خاص ڪري پيٽروليم جي شعبي ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ پُراڻي ڀائيواري موجود آهي. ملاقات ۾ ڪويت جي پيٽروليم ڪارپوريشن جو چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر شيخ نواف الصباح، ڪويت فارن پيٽروليم ايڪسپلوريشن ڪمپنيءَ جي سي اي او ۽ ان جي سينيئر مئنجمينت جا ميمبر شريڪ هئا. پاڪستاني وفد ۾ آئل اينڊ گيس ڊولپمينٽ ڪمپني لميٽيڊ (او جي ڊي سي ايل) جي ايم ڊي احمد حيات لڪ ۽ پاڪستان اسٽيٽ آئل (پي ايس او) جي جنرل مئنيجر (سپلائز) به شامل هئا. ملاقات دوران ٻنهي ملڪن وچ ۾ پيٽروليم جي شعبي ۾ جاري دوستاڻن ناتن جو جائزو ورتو ويو ۽ ۽ موجوده ڀائيواريءَ کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ سان گڏوگڏ سهڪار جا نوان موقعا تلاش ڪرڻ تي زور ڀريو. ٻنهي اڳواڻن ٻه طرفن ناتن کي وڌيڪ مستحڪم بنائڻ ۽ گڏيل هدفن کي حاصل ڪرڻ لاءِ ويجها رابطا ۽ سهڪار جاري رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو جيڪو پاڪستان ۽ ڪويت وچ ۾ مضبوط ڀائيواريءَ جي عڪاسي آهن. ملاقات کان پوءِ ڪويت جي وزير طرفان پاڪستان وفد جي اعزاز ۾ والڊ ورف اسٽوريان هوٽل ۾ مانجهاندي جو بندوبست پڻ ڪيو ويو.











