اسلام آباد-15 ڊسمبر (اي پي پي) وومين اِن گورنمينٽ ٽيڪ 2025ع جي رپورٽ ۾ آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه کي عوامي خدمتن ۾ عورت قيادت جو هڪ نمايان ۽ اثرائتو مثال قرار ڏنو آهي. رپورٽ موجب شزه فاطمه خواجه جديد ٽيڪنالاجي کي صرف سسٽمز تائين محدود نٿي سمجهي پر ان کي اثرائتو، شفاف ۽ عوامي دوست خدمتن جي فراهميءَ جو هڪ اهم ذريعو پڻ …
وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه عوامي خدمتن ۾ عورت قيادت جي هڪ نمايان ۽ اثرائتو مثال قرار

مزید خبریں
اسلام آباد-15 ڊسمبر (اي پي پي) وومين اِن گورنمينٽ ٽيڪ 2025ع جي رپورٽ ۾ آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه کي عوامي خدمتن ۾ عورت قيادت جو هڪ نمايان ۽ اثرائتو مثال قرار ڏنو آهي. رپورٽ موجب شزه فاطمه خواجه جديد ٽيڪنالاجي کي صرف سسٽمز تائين محدود نٿي سمجهي پر ان کي اثرائتو، شفاف ۽ عوامي دوست خدمتن جي فراهميءَ جو هڪ اهم ذريعو پڻ تصور ڪري ٿي. رپورٽ ۾ چيو ويو ته وفاقي وزير شموليتي ڊجيٽل گورننس جي علمبردار آهي ۽ هوءَ پاليسي سازي ۽ ان کي عملي طور لاڳو ڪرڻ وچ ۾ موجود خال کي گهٽ ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي. سندس قيادت ۾ ڊجيٽل سڌارن جو مقصد عام شهرين خاص ڪري عورتن ۽ پُٺتي پيل محروم طبقن کي حڪومتي خدمتن تائين بهتر رسائي فراهم ڪرڻ آهي. وومين اِن گورنمينٽ ٽيڪ 2025ع جي رپورٽ موجب پاڪستان جي ڊجيٽل قيادت کي عالمي سطح تي تسليم ڪيو پيو وڃي، جنهن ۾ شزه فاطمه خواجه جو ڪردار نمايان آهي. رپورٽ ۾ ان ڳالهه تي به زور ڀريو ويو ته وفاقي وزير جي شموليت، جدت تي ٻَڌل سوچ ۽ عوامي خدمت جو ويزن نه صرف عورتن لاءِ هڪ مثبت مثال آهي پر پاڪستان جي ڊجيٽل مستقبل لاءِ به همٿائيندڙ آهي. رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو ته شزه فاطمه خواجه جي قيادت شفافيت، شموليت ۽ جديد ٽيڪنالاجي جي مؤثر استعمال ذريعي عوامي خدمتن کي بهتر بنائڻ جو هڪ ڪامياب مثال بڻجي سامهون آئي. رپورٽ موجب عورت ليڊرز نه صرف ٽيڪنالاجي اختيار ڪري رهيون آهن پر عوامي خدمتن جي فراهمي جي طريقي کي بنيادي طور تي به تبديل ڪري رهيون آهن، اهي شموليت لاءِ نوان معيار قائم ڪري رهيون آهن ۽ ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪندي پاليسي ۽ عملدرآمد وچ ۾ خلا کي گهٽ ڪري رهيون آهن. وفاقي وزير ان ڳالهه تي زور ڀريو ته ”سڀ کان مشڪل سان رسائي وارا 20 سيڪڙو“ کي شامل ڪرڻ ۽ انهن لاءِ ڪم ڪندڙ خدمتون بنائڻ انتهائي اهميت رکي ٿو. هلندڙ سال جي رپورٽ 29 ملڪن ۾ پکڙيل 100 عورت جدت ڪارن (انويٽرز) جي ڪهاڻين کي خاص طور تي نمايان ڪري ٿي، جيڪي گذريل سال جي 24 ملڪن کان وڌيڪ آهن.











