دانش يونيورسٽي ٽيڪنالاجي ۽ جديد علم جي فروغ تي ڌيان ڏيندي، يونيورسٽي ۾ داخلا جي حوالي سان ملڪ جي ڏورانهن علائقن، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي هوشيار ۽ مستحق شاگردن کي موقعو ڏنو ويندو: وزيراعظم شهباز شريف

اسلام آباد – 15 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته دانش يونيورسٽي ٽيڪنالاجي ۽ جديد علم جي فروغ تي ڌيان ڏيندي، يونيورسٽي ۾ داخلا جي حوالي سان ملڪ جي ڏورانهن علائقن، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي هوشيار ۽ مستحق شاگردن کي موقعو ڏنو ويندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن دانش يونيورسٽي جي بورڊ …

اسلام آباد – 15 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته دانش يونيورسٽي ٽيڪنالاجي ۽ جديد علم جي فروغ تي ڌيان ڏيندي، يونيورسٽي ۾ داخلا جي حوالي سان ملڪ جي ڏورانهن علائقن، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي هوشيار ۽ مستحق شاگردن کي موقعو ڏنو ويندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن دانش يونيورسٽي جي بورڊ آف ٽرسٽيز جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ تعليم ۽ فني تربيت واري وفاقي وزير ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي، قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما ۽ دانش يونيورسٽي جي بورڊ آف ٽرسٽيز جي چيئرمين، ميمبرن ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. وزيراعظم بورڊ آف ٽرسٽيز جي چيئرمين ۽ ميمبرن کي اجلاس ۾ ڀليڪار ڪيو ۽ انهن جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. هن چيو ته توهان جون ڪوششون علم جي روشني ڦهلائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪنديون. وزيراعظم دانش يونيورسٽي جي عمارت کي سادي ۽ پروقار طرز تي تعمير ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ چيو ته دانش يونيورسٽي ۾ اعليٰ معيار جي ريسرچ کي يقيني بڻايو وڃي ۽ فيڪلٽي ميمبرن کي مقرر ڪرڻ جي لاءِ حڪمت عملي ٺاهي وڃي، دانش يونيورسٽي جي تعمير جي حوالي سان سٺي شهرت ۽ لاڳاپيل تجربو رکندڙ ڪانٽريڪٽرز کي پري – ڪواليفائي ڪيو وڃي، دانش يونيورسٽي ۾ داخلا جي حوالي سان سڄي ملڪ جي ڏورانهن علائقن، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي هوشيار ۽ مستحق شاگردن کي موقعو ڏنو وڃي ۽ سرڪاري اسڪولن ۾ دانش يونيورسٽي جي حوالي سان آگاهي ڦهلائي وڃي. ان موقعي تي دانش يونيورسٽي جي جاري ڪم جي حوالي سان بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته دانش يونيورسٽي پراجيڪٽ مئنيجمينٽ يونٽ قائم ٿي چڪو آهي، دانش يونيورسٽي جو چارٽر قانون  ۽ انصاف واري وزارت کان منظور ٿي چڪو آهي جنهن کي منظوري جي لاءِ ڪابينا ۽ پارليامينٽ ڏانهن موڪليو ويندو، دانش يونيورسٽي جي حوالي سان سڄي ملڪ ۾ آئوٽ ريچ پروگرام شروع ڪيو پيو وڃي، دانش يونيورسٽي ۾ شروعاتي طور تي موجوده گهرجن سان هم آهنگ سينٽر آف ايڪسيلينس قائم ڪيو ويندو، سڄي ملڪ جي مستحق شاگردن جي لاءِ دانش يونيورسٽي ۾ داخلا جي حوالي سان ٽريننگ ڪئمپس شروع ڪيا ويندا، يونيورسٽي جي اڪيڊمڪ ويزن جي حوالي سان عالمي شهرت رکندڙ تعليمي ماهرن سان رابطو ڪيو ويو آهي.

مزید خبریں