سيڪيورٽي فورسز جو ڪلاچي ۾ آپريشن، فتنه الخوارج سان تعلق رکندڙ 7 خوارجي مارجي ويا

راولپنڊي-15 ڊسمبر (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز ڊيرا اسماعيل خان جي علائقي ڪلاچي ۾ ڳجهي ڄاڻ تي ٻڌل آپريشن ۾ ڀارتي حمايت يافته فتنه الخوارج سان تعلق رکندڙ 7 خوارجين کي ماري ڇڏيو، جڏهن ته پاڪ فوج جي هڪ جوان بهادري سان وڙهندي شهادت ماڻي. آءِ ايس پي آر مان جاري پڌرائي مطابق اها ڪارروائي دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي ڪئي وئي. آپريشن دوران فورسز خوارج جي ٺڪاڻي کي …

راولپنڊي-15 ڊسمبر (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز ڊيرا اسماعيل خان جي علائقي ڪلاچي ۾ ڳجهي ڄاڻ تي ٻڌل آپريشن ۾ ڀارتي حمايت يافته فتنه الخوارج سان تعلق رکندڙ 7 خوارجين کي ماري ڇڏيو، جڏهن ته پاڪ فوج جي هڪ جوان بهادري سان وڙهندي شهادت ماڻي. آءِ ايس پي آر مان جاري پڌرائي مطابق اها ڪارروائي دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي ڪئي وئي. آپريشن دوران فورسز خوارج جي ٺڪاڻي کي اثرائتي طريقي سان نشانو بنايو ۽ سخت فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 7 خوارجين کي ماريو ويو، جڏهن ته فائرنگ جي ڏي وٺ دوران مردان ضلعي جو رهائشي 34 سالن جي بهادر جوان نائيڪ ياسر خان بهادري سان وڙهندي شهادت ماڻي. مارجي ويل ڀارتي حمايت يافته خوارجين وٽان بارود ۽ هٿيار به هٿ ڪيا ويا، جيڪي علائقي ۾ ڪيترين ئي دهشتگردي جي سرگرمين ۾ سرگرم عمل هئا. علائقي ۾ ڪنهن ٻئي ڀارتي حمايت يافته خوارج جي خاتمي لاءِ سينيٽائيزيشن آپريشن جاري آهي. آءِ ايس پي آر مطابق پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن طرفان قومي ايڪشن پلان جي ويزن ”عزم استحڪام“ تحت بنا ڪنهن رڪاوٽ دهشتگردي جي خاتمي جي مهم ڀرپور طريقي سان جاري رهندي ته جيئن ملڪ مان غير ملڪي حمايت يافته دهشتگردي جي ناسور کي مڪمل طور تي ختم ڪيو وڃي.

مزید خبریں