اسلام آباد – 15 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اسٽيٽ بئنڪ پاران وياج جي شرح ۾ 50 بيسس پوائنٽس ۾ گهٽتائي تي اطمينان جو اظهار ڪندي ان کي ڪاروباري برادري ۽ عام ماڻهو جي بهتري جي لاءِ سٺو سنئوڻ قرار ڏنو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته الله تعاليٰ جي فضل ۽ ڪرم سان حڪومتي معاشي ٽيم جي محنت سان …
وزيراعظم پاران اسٽيٽ بئنڪ پاران وياج جي شرح ۾ 50 بيسس پوائنٽس ۾ گهٽتائي تي اطمينان جو اظهار

مزید خبریں
اسلام آباد – 15 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اسٽيٽ بئنڪ پاران وياج جي شرح ۾ 50 بيسس پوائنٽس ۾ گهٽتائي تي اطمينان جو اظهار ڪندي ان کي ڪاروباري برادري ۽ عام ماڻهو جي بهتري جي لاءِ سٺو سنئوڻ قرار ڏنو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته الله تعاليٰ جي فضل ۽ ڪرم سان حڪومتي معاشي ٽيم جي محنت سان بهتري اچي رهي آهي، ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب، ناڻي واري مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني ۽ ناڻي واري سيڪريٽري ۽ ان جي ٽيم پاڪستان جي معاشي ترقي جي لاءِ ڪوششن تي ساراهه جي لائق آهن. وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ معاشي استحڪام آهي ۽ پاڪستان ترقي جي رخ تي گامزن آهي، معاشي استحڪام جي لاءِ ڪاروباري برادري ۽ عوام قربانيون ڏنيون، الحمدالله معاشي بهتري سان عوام کي جيتري قدر ممڪن ٿيو آهي، ريليف فراهم ڪري رهيا آهيون. وزيراعظم چيو ته وياج جي شرح ۾ گهٽتائي ۽ قرض گهٽ لاڳت تي ملڻ سان ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروبارن کي سڀ کان وڌيڪ فائدو ٿيندو.











