پاور ڊويزن جي ڪوششن سان ڊسڪوز لاءِ نون سمارٽ ميٽرن جي قيمتن ۾ 40 سيڪڙو تائين گهٽتائي ڪئي وئي: سردار اويس احمد خان لغاري

اسلام آباد-15 ڊسمبر (اي پي پي) پاور ڊويزن جي مسلسل ڪوششن، وقت سر، اثرائتن قدمن، شفافيت ۽ـ چٽاڀيٽي جي عمل کي هٿي ڏيڻ سان بجلي ورڇيندڙ ڪمپنين لاءِ نون سمارٽ ميٽرن جي قيمتن ۾ 40 سيڪڙو تائين گهٽتائي ڪئي وئي جنهن سان ملڪي سطح تي سالياني 150 ارب رپين جي بچت ٿيندي. سمارٽ ميٽرز بابت رپورٽ پيش هئڻ تي جاري بيان ۾ وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري چيو …

اسلام آباد-15 ڊسمبر (اي پي پي) پاور ڊويزن جي مسلسل ڪوششن، وقت سر، اثرائتن قدمن، شفافيت ۽ـ چٽاڀيٽي جي عمل کي هٿي ڏيڻ سان بجلي ورڇيندڙ ڪمپنين لاءِ نون سمارٽ ميٽرن جي قيمتن ۾ 40 سيڪڙو تائين گهٽتائي ڪئي وئي جنهن سان ملڪي سطح تي سالياني 150 ارب رپين جي بچت ٿيندي. سمارٽ ميٽرز بابت رپورٽ پيش هئڻ تي جاري بيان ۾ وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري چيو ته شفافيت ۽ انٽرنيشنل چٽاڀيٽي جي عمل کي اثرائتي طريقي سان اختيار ڪرڻ عيوض ٿري فيز ميٽر جي قيمت 45 هزارن مان گهٽ ڪري 25 هزار ڪئي وئي آهي جيڪو هڪ نارمل ٿري فيز ميٽر جي تقريبن برابر آهي. اهڙيءَ طرح سنگل فيز ميٽر جي قيمت ۾ 7 هزار جي گهٽتائي ٿي آهي. انهن سموريون قيمتون ٽيڪس کانسواءِ آهن. وفاقي وزير چيو ته پاور ڊويزن جي بهتر حڪمت عمليءَ عيوض پاڪستان انجنيئرنگ ڪائونسل جي ريگيوليشن ۾ مثبت تبديليءَ عيوض انٽرنيشنل ڪمپنيون چٽاڀيٽي واري عمل ۾ ڀرپور حصو وٺي چڪيون آهن ۽ انهن ون درپيش رڪاوٽون ختم ٿي ويون. اهڙيءَ طرح سمورين بجلي ورڇيندڙ ڪمپنين ۾ سمارٽ ميٽرز جي خريداريءَ سان ميٽرز جي قيمتن ۾ گهٽتائي ٿي آهي، ڇاڪاڻ ته وڌيڪ مقدار ۾ خام مال ۽ مٽيريل سستو پوي ٿو. پاور ڊويزن جي مسلسل مانيٽرنگ ۽ سمارٽ ميٽرز لاءِ شفاف ۽ چٽاڀيٽي وارو معيار مقرر ڪرڻ عيوض ان ميٽرز جون قيمتون گهٽ ٿيڻ لڳيون آهن. وفاقي وزير موجب 150 ارب رپين جي سالياني بچت جو ڪاٿو بجلي ورڇيندڙ ڪمپنين طرفان تبديل ٿيل ۽ خراب ميٽرز لڳائڻ جي مد ۾ لڳايو ويو آهي. ان کان علاوه نون ميٽرن جي مد ۾ بجلي صارفين کي به اربين رپين جي بچت ٿيندي جنهن جو سڌيءَ ريت فائدو صارفين کي انهن جي نون ڪنيڪشن جي ڊيمانڊ نوٽيس جي خرچن ۾ گهٽتائيءَ جي صورت ۾ ٿي رهيو آهي. سمارٽ ميٽرز جي قيمتن ۾ گهٽتائيءَ عيوض هاڻ ملڪ ۾ بجلي جي شعبي ۾ ڊجيٽلائيزيشن طرف تيزيءَ سان اڳڀرائي ٿيندي، جنهن جي ڪري نيشنل گرڊ جي ڪارڪردگيءَ ۾ وڌيڪ بهتر ايندي. وفاقي وزير جو وڌيڪ چوڻ هو ته سمارٽ ميٽرز عيوض غلط ميٽر ريڊنگ مان ڇوٽڪارو، بجلي چوري جي فوري نشاندهي، اڳواٽ ادائگيءَ جي سهولت، پنهنجي ميٽرز جي سڌيءَ ريت مانيٽرنگ ۽ـ بجلي استعمال بابت معلومات، بجلي جي بحالي ۽ بنا ڪنهن لائن مين جي ۽ ٻيا بيشمار فائدا حاصل ٿيندا.

مزید خبریں