اليڪشن ڪميشن طرفان اسلام آباد ۾ يونين ڪائونسلز جي شروعاتي تڪ بندين بابت ووٽرز جا اعتراض اڪلائڻ جو مدو ختم

اسلام آباد- 02 آڪٽوبر (اي پي پي) اليڪشن ڪميشن  چيو آهي ته اسلام آباد ۾ يونين ڪائونسلز جي شروعاتي تڪ بندين بابت ووٽرز جا اعتراض اڪلائڻ جو مدو ختم ٿي ويو آهي. اي سي طرفان جاري بيان موجب ڇنڇر ڏينهن کان تڪ بندي اٿارٽي طرفان تڪ بندي ڪميٽي کي اعتراضن تي فيصلن کان آگاهه ڪيو ويندو. هي سلسلو 9 آڪٽوبر تائين جاري رهندو، تڪ بندين جي حتمي فهرست 14 آڪٽوبر …

اسلام آباد- 02 آڪٽوبر (اي پي پي) اليڪشن ڪميشن  چيو آهي ته اسلام آباد ۾ يونين ڪائونسلز جي شروعاتي تڪ بندين بابت ووٽرز جا اعتراض اڪلائڻ جو مدو ختم ٿي ويو آهي. اي سي طرفان جاري بيان موجب ڇنڇر ڏينهن کان تڪ بندي اٿارٽي طرفان تڪ بندي ڪميٽي کي اعتراضن تي فيصلن کان آگاهه ڪيو ويندو. هي سلسلو 9 آڪٽوبر تائين جاري رهندو، تڪ بندين جي حتمي فهرست 14 آڪٽوبر تي جاري رهندي، واضح رهي ته اليڪشن ڪميشن طرفان 27 آگسٽ تي اسلام آباد ۾ يونين ڪائونسلز جي شروعاتي فهرست جاري ڪئي وئي هئي جنهن کانپوءِ 17 سيپٽمبر تائين تڪ بندي اٿارٽي وٽ انهن فهرستن تي اعتراض جمع ڪرايا ويا جنهن کي اٿارٽي طرفان اڪلائڻ جو ڪم به 28 آگسٽ کان شروع ڪيو ويو جيڪو 2 آڪٽوبر تائين جاري رهيو. 3 آڪٽوبر کان تڪ بندي ڪميٽي کي فيصلن کان آگاهه ڪيو ويندو.