قومي اسيمبلي جي اسپيڪر پاران اتر وزيرستان ۾ ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش

اسلام آباد- 02 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق اتر وزيرستان ۾ ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. جمعي ڏينهن هڪ بيان ۾ هن چيو ته اتر وزيرستان ۾ دهشتگردن خلاف ڪامياب ڪارروائي سيڪيورٽي فورسز جي پيشيوراڻي مهارت جو ثبوت آهي. سردار اياز صادق 7 ڀارتي اسپانسرڊ دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي واکاڻ ڪندي چيو ته سيڪيورٽي فورسز …

اسلام آباد- 02 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق اتر وزيرستان ۾ ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. جمعي ڏينهن هڪ بيان ۾ هن چيو ته اتر وزيرستان ۾ دهشتگردن خلاف ڪامياب ڪارروائي سيڪيورٽي فورسز جي پيشيوراڻي مهارت جو ثبوت آهي. سردار اياز صادق 7 ڀارتي اسپانسرڊ دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي واکاڻ ڪندي چيو ته سيڪيورٽي فورسز موثر ڪارروائي ڪندي دهشتگردن جا ناپاڪ ارادا ناڪام بڻايا. هن چيو ته دهشتگردي جي خاتمي لاءِ سيڪيورٽي فورسز جون قربانيون ۽ خدمتون واکاڻ جوڳيون آهن، ملڪ ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ سيڪيورٽي فورسز جي خدمتن کي پوري قوم قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿي. سندس چوڻ هو ته دهشتگردي جي ناسور جي مڪمل خاتمي تائين دهشتگردن خلاف ڪارروايون جاري رهنديون.