اسلام آباد- 02 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان دولتِ مشترڪه جي ٽيلي ڪام تنظيم (سي ٽي او) جي اهتمام هيٺ لنڊن ۾ منعقد عالمي تقريب ۾ ٽي اهم ڊجيٽل ايوارڊز کٽي نمايان ڪاميابي حاصل ڪئي آهي. ڪامن ويلٿ جي 56 ميمبر ملڪن ۾ پاڪستان واحد ملڪ آهي جنهن جي پيش ڪيل ٽنهي منصوبن کي عالمي سطح تي چونڊي اعليٰ ترين ايوارڊن سان نوازيو ويو، جيڪو ملڪي ڊجيٽل ترقي تي عالمي …
لنڊن ۾ پاڪستان جي وڏي ڪاميابي، ٽيڪنالاجي ۽ عوامي خدمتن جي شعبي ۾ 3 اهم عالمي اعزاز پنهنجي نالي ڪري ورتا

مزید خبریں
اسلام آباد- 02 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان دولتِ مشترڪه جي ٽيلي ڪام تنظيم (سي ٽي او) جي اهتمام هيٺ لنڊن ۾ منعقد عالمي تقريب ۾ ٽي اهم ڊجيٽل ايوارڊز کٽي نمايان ڪاميابي حاصل ڪئي آهي. ڪامن ويلٿ جي 56 ميمبر ملڪن ۾ پاڪستان واحد ملڪ آهي جنهن جي پيش ڪيل ٽنهي منصوبن کي عالمي سطح تي چونڊي اعليٰ ترين ايوارڊن سان نوازيو ويو، جيڪو ملڪي ڊجيٽل ترقي تي عالمي اعتماد جو اظهار آهي. پاڪستان نوجوانن کي نئين ۽ جديد ڪاروبار شروع ڪرڻ لاءِ تربيت، رهنمائي ۽ سيڙپڪاري جي سهولت فراهم ڪندڙ ”نيشنل انڪيوبيشن سينٽرز“ جي منصوبي تي پهرين پوزيشن يعني گولڊ ميڊل حاصل ڪيو. ان سان گڏوگڏ غريب ۽ مستحق شهرين تائين حڪومتي مالي امداد کي آن لائن، شفاف ۽ تيز رفتار بڻائڻ جي ڊجيٽل نظام ٻي پوزيشن کٽي سلور ميڊل حاصل ڪيو. سڄي ملڪ ۾ تيز ترين انٽرنيٽ جي فراهمي ۽ موبائيل نيٽ ورڪ کي جديد رخن تي هموار ڪرڻ جي حڪومتي پاليسي کي به برونز ميڊيل سان نواز ويو. وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه ان ڪاميابي تي خوشي جو اظهار ڪندي چيو ته هي تاريخي اعزاز وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ڊجيٽل پاڪستان ويزن جي ڪاميابي جو چٽو ثبوت آهي، هن چيو ته حڪومت جديد ٽيڪنالاجي ذريعي نوجوانن لاءِ روزگار جا نوان دروازا کولي رهي آهي ۽ سرڪاري خدمتن کي عام شهرين لاءِ گهر ويٺي آسان بڻائڻ سان گڏوگڏ سڄي ملڪ ۾ انٽرنيٽ جي نظام کي مضبوط بڻائي رهي آهي.











