اسلام آباد-15 ڊسمبر (اي پي پي) آسٽريليا جي شهر سڊني جي بيچ تي هڪ دهشتگرداڻي ڪارراوين جي نتيجي ۾ ڪيترائي ماڻهو فوت ٿي ويا، جنهن کان فورن پوءِ روايت موجب اسرائيلي، ڀارتي ميڊيا ۽ ان سان لاڳاپيل سوشل ميڊيا اڪائونٽس ان واقعي کي پاڪستان سان ڳنڍڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي. ميڊيا رپورٽن ۾ اسرائيلي اخبار يروشلم طرفان حقيقتون ڄاڻڻ کانسواءِ منظم ايجنڊا تحت حملي آورن کي پاڪستاني قرار ڏنو ويو. …
آسٽريلوي شهر سڊني ۾ دهشتگردي، اسرائيل ۽ ڀارت جو پاڪستان خلاف گمراهه ڪندڙ پروپيگنڊا بي نقاب

مزید خبریں
اسلام آباد-15 ڊسمبر (اي پي پي) آسٽريليا جي شهر سڊني جي بيچ تي هڪ دهشتگرداڻي ڪارراوين جي نتيجي ۾ ڪيترائي ماڻهو فوت ٿي ويا، جنهن کان فورن پوءِ روايت موجب اسرائيلي، ڀارتي ميڊيا ۽ ان سان لاڳاپيل سوشل ميڊيا اڪائونٽس ان واقعي کي پاڪستان سان ڳنڍڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي. ميڊيا رپورٽن ۾ اسرائيلي اخبار يروشلم طرفان حقيقتون ڄاڻڻ کانسواءِ منظم ايجنڊا تحت حملي آورن کي پاڪستاني قرار ڏنو ويو. اخبار يروشلم جي طرز تي ان سان لاڳاپيل سوشل ميڊيا اڪائونٽس به پاڪستان خلاف زهريلي پروپيگنڊا استعمال ڪئي. هي منظم پروپيگنڊا ڀارت جي پهلگام فالس فليگ جي طرز تي ڪيو ويو جنهن ۾ شاهدين جي انتظار کانسواءِ الزام پاڪستان تي لڳائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي وئي، ان پروپيگنڊا جي ابتڙ گڏي ڪيل اصل حقيقتن جي باري ۾ ڄاڻڻ ضروري آهي. سيڪيورٽي ذريعن موجب پاڪستان جي رڪارڊ تحت ساجد اڪرم ۽ نويد اڪرم نالي شخص جو پاڪستاني هئڻ بابت اڃا تائين ڪي به ثبوت ناهن مليا. جيڪڏهن هي پيءُ پُٽ پاڪستاني هجن ها ته ايترو وقت گذرڻ کانپوءِ پاڪستان ۾ موجود باقي ڪٽنب جي باري ۾ تفصيلن جو موجود نه هئڻ به انهن جي پاڪستاني سڃاڻپ تي سوال اُٿاري ٿو. آسٽريليا ۾ موجود پاڪستاني عملدارن موجب اڃا تائين پاڪستاني ڪميونٽي طرفان سندن باري ۾ پاڪستاني هئڻ جون ڪي به شاهديون موجود ناهن. هندستاني ميڊيا ۽ ان سان لاڳاپيل سوشل ميڊيا اڪائونٽس طرفان ڪيل هي پروپيگنڊا ته ساجد اڪرم ٽوئرسٽ ويزا تي آسٽريليا ويو هو جيڪو سراسر ڪوڙ تي ٻَڌل آهي، حقيقت ۾ ساجد اڪرم 1998ع ۾ اسٽوڊينٽس ويزا تي آسٽريليا پهتو ۽ هي ويزا 2001ع ۾ وارينا نالي آسٽريلين عورت سان شاديءَ کان پوءِ پارٽنر ويزي ۾ تبديل ٿيو، ان سلسلي ۾ آسٽريلين هوم منسٽر ٽوني بيورڪ جو بيان ان حقيقتن جي توثيق ڪري ٿو. ساجد اڪرم پهرين 10 سالن کان آسٽريليا جي هڪ ڪلب جو ميمبر آهي جنهن سبب سندس وٽان 6 لائسنس ورتل هٿيار هٿ آيا. اسرائيلي، هندستاني ۽ پي ٽي آءِ جي پرڏيهه ۾ ويٺل سوشل ميڊيا اڪائونٽس ڪالهه کان هڪ اهڙي پاڪستاني نويد اڪرم جي ڪهاڻي گهڙي رهيا آهن جنهن پاڻ سوشل ميڊيا تي ان پروپيگنڊا کي بي نقاب ڪري ڇڏيو آهي. اهي اطلاع به موجود آهن ته ساجد اڪرم جو تعلق افغانستان جي صوبي ننگرهار سان آهي، پوري دنيا ان ڳالهه تي متفق آهي ته دهشتگردي هڪ عالمي مسئلو آهي ۽ افغانستان ان جو ڳڙهه بڻجي چڪو آهي. واقعي دوران ڪيل فائرنگ افغان طالبان وانگر اهڙيءَ طرح جي واقعن ۾ طريقيڪار ۽ واردات سان هڪجهڙائي رکن ٿا.











