اسلام آباد-15 ڊسمبر (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ پوليو جي خاتمي واري مهم دوران 5 سال کان ننڍي عمر جي 4 ڪروڙ 50 لک کان وڌيڪ ٻارن کي سڄي ڄمار جي معذوري کان تحفظ فراهم ڪرڻ لاءِ سڄي ملڪ ۾ پوليو جي خاتمي واري مهم شروع ٿي وئي آهي. اها سال 2025ع جي آخري قومي پوليو جي خاتمي واري مهم هوندي، جيڪا سيٽپمبر ۾ ٿيل خصوصي پوليو جي خاتمي …
سڄي ملڪ ۾ پوليو جي خاتمي واري مهم شروع

مزید خبریں
اسلام آباد-15 ڊسمبر (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ پوليو جي خاتمي واري مهم دوران 5 سال کان ننڍي عمر جي 4 ڪروڙ 50 لک کان وڌيڪ ٻارن کي سڄي ڄمار جي معذوري کان تحفظ فراهم ڪرڻ لاءِ سڄي ملڪ ۾ پوليو جي خاتمي واري مهم شروع ٿي وئي آهي. اها سال 2025ع جي آخري قومي پوليو جي خاتمي واري مهم هوندي، جيڪا سيٽپمبر ۾ ٿيل خصوصي پوليو جي خاتمي واري مهم ۽ نومبر ۾ منعقد ارڙي – روبيلا ۽ پوليو کان بچاءَ جي قومي ويڪسينيشن مهم کانپوءِ منعقد ڪئي پئي وڃي. نيشنل ايمرجنسي آپريشن سينٽر طرفان جاري تفصيل مطابق 15 ڊسمبر کان شروع ٿيل اها پوليو مهم افغانستان سان گڏ هم آهنگ ڪئي پئي وڃي ته جئين ٻئي ملڪ گڏجي حفاظتي قوت کي مضبوط ڪن ۽ سرحدي علائقن ۾ وائرس جي منتقلي کي روڪي سگهن. هن وقت تائين 30 پوليو ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، جڏهن ته گذريل سال اهو انگ 74 هو، جيڪو پاڪستان جي نمايان اڳڀرائي کي ظاهر ڪري ٿو. ان مهم دوران 4 لک کان وڌيڪ فرنٽ لائن هيلٿ ورڪرز پنهنجون ذميواريون انجام ڏيندي بلوچستان، سنڌ، خيبر پختونخوا، پنجاب، گلگت بلتستان، آزاد ڄمون ڪشمير ۽ اسلام آباد ۾ گهر گهر وڃي ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پياريندا، ته جئين ڪو به ٻار ويڪسين کان محروم نه رهي.











