پاڪ بحريه جو اتر عربي سمنڊ ۾ فائر پاور جو مظاهرو

راولپنڊي -15 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪ بحريه اتر عربي سمنڊ ۾ ايف ايم- 90 (اين) اي آر کان هوا تائين مار ڪندڙ ميزائيل جو ڪامياب لائيو ويپن فائرنگ ذريعي پنهنجي آپريشنل تياري ۽ جنگي صلاحيت جي توثيق ڪئي. فائر پاور جي مظاهري دوران پاڪ بحريه جي جهازن انتهائي مينو وريبل هوائي هدفن کي ڪاميابي سان نشانو بڻايو، جنهن سان پاڪ بحريه جي جنگي صلاحيت هڪ ڀيرو ٻيهر اجاگر ٿي. …

راولپنڊي -15 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪ بحريه اتر عربي سمنڊ ۾ ايف ايم- 90 (اين) اي آر کان هوا تائين مار ڪندڙ ميزائيل جو ڪامياب لائيو ويپن فائرنگ ذريعي پنهنجي آپريشنل تياري ۽ جنگي صلاحيت جي توثيق ڪئي. فائر پاور جي مظاهري دوران پاڪ بحريه جي جهازن انتهائي مينو وريبل هوائي هدفن کي ڪاميابي سان نشانو بڻايو، جنهن سان پاڪ بحريه جي جنگي صلاحيت هڪ ڀيرو ٻيهر اجاگر ٿي. ڪمانڊر پاڪستان فليٽ، ۽ پاڪ بحريه جي فليٽ يونٽ ان لائيو فائرنگ جو مشاهدو ڪيو. گذريل ڏينهن آءِ ايس پي آر موجب ڪمانڊر پاڪستان فليٽ فائرنگ ۾ شريڪ آفيسرن ۽ جوانن جي پيشيواراڻي مهارت، عزم ۽ اعليٰ ڪارڪردگي جي تعريف ڪئي. هن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪ بحريه هر صورت ۾ پاڪستان جي سامونڊي دفاع کي يقيني بڻائڻ ۽ قومي بحري مفادن جي تحفظ لاءِ تيار آهي.

مزید خبریں