اسلام آباد-12 ڊسمبر (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته ڪلي معيشت جي استحڪام کي برقرار رکڻ ۽ ان کي سيڙپڪاري ۽ روانگي واپار تي ٻَڌل اؤسر ۾ تبديل ڪرڻ اڻٽر آهي. هن اها ڳالهه اسٽينڊرڊ چارٽرڊ بئنڪ پاڪستان جي بورڊ جي وفد سان ملاقات ۾ ڪئي. وفد جي قيادت بورڊ جي چيئرمين ۽ سينيئر ايگزيڪيوٽو آفيسر ڪرسٽوفر پارسنز ڪري رهيو هو. …
ڪلي معيشت جي استحڪام کي برقرار رکڻ ۽ ان کي سيڙپڪاري ۽ روانگي واپار تي ٻَڌل اؤسر ۾ تبديل ڪرڻ اڻٽر آهي: ناڻي وارو وفاقي وزير

مزید خبریں
اسلام آباد-12 ڊسمبر (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته ڪلي معيشت جي استحڪام کي برقرار رکڻ ۽ ان کي سيڙپڪاري ۽ روانگي واپار تي ٻَڌل اؤسر ۾ تبديل ڪرڻ اڻٽر آهي. هن اها ڳالهه اسٽينڊرڊ چارٽرڊ بئنڪ پاڪستان جي بورڊ جي وفد سان ملاقات ۾ ڪئي. وفد جي قيادت بورڊ جي چيئرمين ۽ سينيئر ايگزيڪيوٽو آفيسر ڪرسٽوفر پارسنز ڪري رهيو هو. وفد ۾ بئنڪ جي بورڊ ۽ مئنجمينٽ جا سينيئر ميمبر به شامل هئا. وفد وفاقي وزير کي ٻُڌايو ته بورڊ ڊگهي عرصي کانپوءِ اسلام آباد ۾ اجلاس منعقد ڪري رهيو آهي. هن عالمي مالياتي ادارن ۽ مارڪيٽ جي شرڪت ڪندڙن سان پنهنجي تازين ملاقاتن سان حاصل ٿيل هاڪاري فيڊ بيڪ شيئر ڪيا جنهن ۾ پاڪستان جي بهتر ٿيندڙ معاشي صورتحال جي تعريف ڪئي وئي. ناڻي واري وزير وفد جي آجيان ڪندي پاڪستان لاءِ خاص ڪري آءِ ايم ايف سان توسيعي فنڊ سهولت لاءِ ڳالهين ۽ لاڳو ڪرڻ دوران اسٽيڊرڊ چارٽرڊ بئنڪ جي مسلسل حمايت کي ساراهيو. ناڻي واري وزير چيو ته بئنڪ جو سهڪار مارڪيٽ جي اعتماد کي مضبوط ڪرڻ ۽ـ پرڏيهي مالي مدد ۾ مدد ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. هن وفد کي حڪومت جي سڌارا جاتي ترجيحن کان به آگاهه ڪيو ويو. هن چيو ته ڪلي معيشت جي استحڪام کي برقرار رکڻ ۽ ان کي سيڙپڪاري ۽ روانگي واپار تي ٻَڌل اؤسر ۾ تبديل ڪرڻ اڻٽر آهي. ملاقات ۾ تعاون جي اهم شعبن جن ۾ نجڪاري، پرڏيهي سڌي ريت سيڙپڪاري ۽ عالمي ڪيپيٽل مارڪيٽس تائين رسائي شامل آهن، تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ناڻي واري وزير نجڪاري جي عمل کي تيز ڪرڻ ۽ اعليٰ معيار جي سيڙپڪارن کي متوجهه ڪرڻ لاءِ مضبوط سيل سائيڊ مشاورت جي ضرورت تي زور ڀريو. هن سيڙپڪاري ذريعي جدت لاءِ ڪيپيٽل مارڪيٽ جي قدمن جي استعمال جي حڪومتي ڪوششن جو به ذڪر ڪيو جن ۾ امڪاني پانڊا بانڊ جاري ڪرڻ تي اڳڀرائي ۽ پاڪستان جي گلوبل ميڊيم ٽرم نوٽ پروگرام کي بهتر ڪرڻ جا قدم پڻ شامل آهن. وفد ٻُڌايو ته پاڪستان اسٽينڊرڊ چارٽرڊ جي ترجيحي مارڪيٽ آهي ۽ـ بئنڪ حڪومت جي ايجنڊا جي حمايت لاءِ مشاورتي خدمتن، سينيڊيڪيشن ۽ پاڪستان کي خاص ڪري نار تعاون ڪائونسل ۽ ٻين عالمي مارڪيٽن جي سيڙپڪار ڌُرين سان جوڙڻ لاءِ تيار آهي. وڏا منصوبا ۽ تيز رفتار ترقيءَ جي صلاحيت رکندڙ اهم شعبن ۾ سيڙپڪاري وڌائڻ لاءِ معاونت جي خواهش جو به اظهار ڪيو ويو. ناڻي واري وزير ٻُڌايو ته حڪومت سيڙپڪاريءَ جي راهه ۾ موجود رڪاوٽون خاص ڪري ٽيڪسيشن ۽ توانائيءَ جي شعبي جا مسئلا حل ڪري رهي آهي. اقتصادي پاليسي سازيءَ کي مضبوط بنائڻ لاءِ اداره جاتي سڌارن کي اڳتي وڌايو پيو وڃي. ملاقات ۾ ڌُرين پاڪستان جي سڌارا جاتي تسلسل کي برقرا رکڻ، سيڙپڪارن جي اعتماد ۾ واڌ ڪرڻ ۽ پائيدار معاشي ترقيءَ کي هٿي ڏيڻ لاءِ ويجها رابطا جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو.











