برسلز-12 ڊسمبر (اي پي پي) گهرو معاملن ۽ نارڪوٽڪس ڪنٽرول واري وفاقي وزير محسن نقوي بيلجيئم جي دؤري دوران پنهنجي هم منصب برنارڊ ڪوائنٽن سان اهم ملاقات ڪئي، جنهن ۾ گڏيل دلچسپيءَ جا معاملا ۽ غير قانوني اميگريشن جي روڪٿام لاءِ سهڪار بحث جو موضوع رهيا. ملاقات ۾ اميگرنٽس جي اسمگلنگ تي ضابطو آڻڻ لاءِ ٻه طرفي سهڪار واري عمل کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ٻنهي گهرو …
محسن نقوي جي بيلجيئم جي گهرو وزير سان ملاقات، غير قانوني اميگريشن روڪڻ تي تعاون وڌائڻ تي اتفاق

مزید خبریں
برسلز-12 ڊسمبر (اي پي پي) گهرو معاملن ۽ نارڪوٽڪس ڪنٽرول واري وفاقي وزير محسن نقوي بيلجيئم جي دؤري دوران پنهنجي هم منصب برنارڊ ڪوائنٽن سان اهم ملاقات ڪئي، جنهن ۾ گڏيل دلچسپيءَ جا معاملا ۽ غير قانوني اميگريشن جي روڪٿام لاءِ سهڪار بحث جو موضوع رهيا. ملاقات ۾ اميگرنٽس جي اسمگلنگ تي ضابطو آڻڻ لاءِ ٻه طرفي سهڪار واري عمل کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ٻنهي گهرو وزيرن وچ ۾ دهشتگرديءَ جي خاتمي، منشيات خلاف ڪاررواين ۽ پيرا ملٽري فورسز جي گڏيل ٽريننگ بابت تعاون تي به ڳالهه ٻولهه ٿي. گهرو وزير محسن نقوي جو چوڻ هو ته دنيا کي غير قانوني اميگريشن روڪڻ لاءِ مؤثر حڪمت عملي ۽ مربوط قدمن تي عمل ڪرڻ جي ضرورت آهي. پاڪستان غير قانوني اميگريشن جي روڪٿام لاءِ سخت ۽ مؤثر قدم کنيا آهن. بيلجيئم جي گهرو وزير دهشتگرديءَ جي خاتمي ۽ غير قانوني اميگريشن جي حوالي سان پاڪستان جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ چيو ته پاڪستان خطي ۽ـ عالمي برادريءَ لاءِ هڪ مثبت مثال قائم ڪيو آهي. ملاقات جي موقعي تي برسلز ۾ مقرر پاڪستاني سفارتڪار ۽ بيلجيئم جي گهرو وزارت جا اعليٰ عملدار به موجود هئا.











