اشڪ آباد - 12 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ترڪمانستان جو سرڪاري دورو مڪمل ڪري وطن واپس روانو ٿي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ترڪمانستان جي ڪابينا جي نائب چيئرمين ۽ ٽرانسپورٽ ۽ مواصلات واري سربراهه محمد خان چيڪيئف وزيراعظم ۽ پاڪستاني وفد کي الوداع ڪيو. ٻن ڏينهن جي دوري دوران وزيراعظم امن ۽ اعتماد بابت عالمي سال، غيرجانبداري بابت عالمي ڏهاڙي …
وزيراعظم شهباز شريف ترڪمانستان جو سرڪاري دورو مڪمل ڪرڻ کانپوءِ وطن واپس روانو

مزید خبریں
اشڪ آباد – 12 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ترڪمانستان جو سرڪاري دورو مڪمل ڪري وطن واپس روانو ٿي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ترڪمانستان جي ڪابينا جي نائب چيئرمين ۽ ٽرانسپورٽ ۽ مواصلات واري سربراهه محمد خان چيڪيئف وزيراعظم ۽ پاڪستاني وفد کي الوداع ڪيو. ٻن ڏينهن جي دوري دوران وزيراعظم امن ۽ اعتماد بابت عالمي سال، غيرجانبداري بابت عالمي ڏهاڙي ۽ ترڪمانستان جي 30 سالا مستقل غيرجانبداري جي سالگرهه جي حوالي سان اشڪ آباد ۾ منعقد فورم ۾ شرڪت ڪئي. وزيراعظم ان دوران ترڪيه، ترڪمانستان ۽ ايران جي صدرن سان ٻطرفيون ملاقاتون پڻ ڪيون جڏهن ته روس جي صدر ولاديمير پيوٽن، ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان، تاجڪستان جي صدر امام علي رحمان ۽ ڪرغز صدر صادر زپاروف سان غيررسمي ملاقاتون ٿيون.











