اشڪ آباد - 12 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ايران جي صدر مسعود پيز شڪيان ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ باقاعده اعليٰ سطحي ملاقاتون ۽ مشاورت جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ترڪمانستان جي 30 سالا مستقل غيرجانبداري جي سالگرهه جي حوالي سان منعقد فورم جي موقعي تي اسلامي جمهوريه …
وزيراعظم شهباز شريف سان ايران جي صدر مسعود پيز شڪيان جي ملاقات، ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ لاءِ اعليٰ سطحي ملاقاتون ۽ مشاورت جاري رکڻ تي اتفاق

مزید خبریں
اشڪ آباد – 12 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ايران جي صدر مسعود پيز شڪيان ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ باقاعده اعليٰ سطحي ملاقاتون ۽ مشاورت جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ترڪمانستان جي 30 سالا مستقل غيرجانبداري جي سالگرهه جي حوالي سان منعقد فورم جي موقعي تي اسلامي جمهوريه ايران جي صدر ڊاڪٽر مسعود پيز شڪيان سان ٻطرفي ملاقات ڪئي. خوشگوار ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن هن سال جي شروع ۾ ٻنهي ملڪن کي ٻاهرئين جارحيت کي منهن ڏيڻ جي وقت هڪ ٻئي کي فراهم ڪئي ويندڙ مضبوط حمايت کي ساراهيو. هن سال جي شروع ۾ پاڪ – ايران گڏيل اقتصادي ڪميشن جي 22هين اجلاس جي ڪامياب انعقاد تي اطمينان جو اظهار ڪندي وزيراعظم ٻطرفي واپار جي ڪاٿي کي وڌائڻ، سرحدي منڊين کي فعال بڻائڻ، سرحدي سلامتي کي مضبوط بڻائڻ ۽ اسلام آباد – بلوچستان ٽرانسپورٽ نيٽ ورڪ جي ذريعي ٻطرفي تعاون کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ڌرين جي گڏجي ڪم جاري رکڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. ٻنهي اڳواڻن علائقائي ۽ عالمي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم چيو ته افغان سرزمين تان ٿيندڙ دهشتگردي جي حوالي سان پاڪستان جي سنگين سيڪيورٽي خدشن کي ختم ڪرڻ جي لاءِ افغانستان حڪومت بامعنيٰ ڪارروائي ڪري. ٻنهي اڳواڻن غزه ۾ جاري امن ڪوششن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. صدر پيز شڪيان چيو ته ايران پاڪستان سان پنهنجي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جو خواهشمند آهي. بيان موجب اها ملاقات پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ ويجهي ۽ ڀائراڻي لاڳاپن جي عڪاسي ڪري ٿي جيڪي انهن جي گڏيل تاريخ، ثقافت ۽ عقيدي سان ڳنڍيل آهن. ٻنهي اڳواڻن ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ باقاعده اعليٰ سطحي ملاقاتون ۽ مشاورت جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو. وزيراعظم ايران جي رهبر اعليٰ آيت الله خميني جي لاءِ دل سان مبارڪباد ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.











