اسلام آباد - 12 ڊسمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار گڏيل عرب امارات جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير شيخ عبدالله بن زيد النهيان جي دعوت تي 12 کان 14 ڊسمبر 2025ع تائين منعقد ٿيندڙ 16هين سر بني ياس فورم ۾ شرڪت ڪندو. سر بني ياس فورم هڪ اعليٰ سطح جو ساليانو اجتماع آهي جنهن ۾ سينيئر عالمي اڳواڻ، پاليسي ساز ۽ ماهر …
نائب وزيراعظم اسحاق ڊار 16هين سر بني ياس فورم ۾ شرڪت ڪندو

مزید خبریں
اسلام آباد – 12 ڊسمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار گڏيل عرب امارات جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير شيخ عبدالله بن زيد النهيان جي دعوت تي 12 کان 14 ڊسمبر 2025ع تائين منعقد ٿيندڙ 16هين سر بني ياس فورم ۾ شرڪت ڪندو. سر بني ياس فورم هڪ اعليٰ سطح جو ساليانو اجتماع آهي جنهن ۾ سينيئر عالمي اڳواڻ، پاليسي ساز ۽ ماهر خطي ۽ عالمي سطح جي اهم معاملن جن ۾ امن، سيڪيورٽي ۽ اقتصادي تعاون شامل آهن، تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندا آهن. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب فورم دوران نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار علائقائي استحڪام، پائيدار ترقي ۽ معاشي حصيداري جي فروغ بابت موضوعن تي عالمي اڳواڻن ۽ ماهرن سان مشاورت ڪندو. هو پاڪستان جو موقف پڻ پيش ڪندو جنهن ۾ مڪالمي جي فروغ، علائقائي چئلينجز جي حل ۽ اقتصادي تعاون جا موقعا وڌائڻ تي زور ڏنو ويندو.











