تاشقند-12 ڊسمبر (اي پي پي)واپار بابت وزيراعظم جي خاص مددگار راڻا احسان افضل خان گذريل ڏينهن ازبڪستان جي سيڙپڪاري، صنعت ۽ واپار بابت نائب وزير شورخ غلاموف سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٻنهي طرفن کان وزيراعظم پاڪستان ۽ ازبڪستان جي صدر جي ويزن موجب ايندڙ ٻن سالن ۾ ٻطرفي واپار کي 2 ارب آمريڪي ڊالرن تائين وڌائڻ جي پنهنجي پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ملاقات ۾ موجوده ترجيحي واپاري معاهدي …
پاڪستان ۽ ازبڪستان پاران 2 ارب آمريڪي ڊالرن جي واپاري هدفن تائين پهچڻ لاءِ اليڪٽرانڪ ڊيٽا انٽرچينج قائم ڪرڻ تي اتفاق

مزید خبریں
تاشقند-12 ڊسمبر (اي پي پي)واپار بابت وزيراعظم جي خاص مددگار راڻا احسان افضل خان گذريل ڏينهن ازبڪستان جي سيڙپڪاري، صنعت ۽ واپار بابت نائب وزير شورخ غلاموف سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٻنهي طرفن کان وزيراعظم پاڪستان ۽ ازبڪستان جي صدر جي ويزن موجب ايندڙ ٻن سالن ۾ ٻطرفي واپار کي 2 ارب آمريڪي ڊالرن تائين وڌائڻ جي پنهنجي پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ملاقات ۾ موجوده ترجيحي واپاري معاهدي (پي ٽي اي) جي فوري توسيع تي اتفاق ڪيو ويو. نائب وزير غلاموف ان ڳالهه جي تصديق ڪئي ته ٻئي ملڪ فعال طور تي هڪ نمايان طور تي وسيع مصنوعات جي فهرست کي حتمي شڪل ڏئي رهيا آهن ۽ توسيع ٿيل پي ٽي اي تي تمام جلد باضابطه مفاهمت متوقع آهي. راڻا احسان افضل دستاويزن کي معياري بڻائڻ، ڪسٽم جي طريقيڪار ۽ معائني جي پروٽوڪول کي هم آهنگ ڪرڻ، دير کي گهٽ ڪرڻ، واپار کي وڌائڻ لاءِ ڊجيٽل ڪنيڪٽوٽي قائم ڪرڻ جي فوري ضرورت تي زور ڀريو. هن ريئل ٽائيم ڪراس بارڊر ڊيٽا ايڪسچينج جي اهميت کي به اجاگر ڪيو. نائب وزير غلاموف راڻا احسان افضل کي مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي ۽ تصديق ڪئي ته فني ٽيمون پاڪستان ۽ ازبڪستان جي لاڳاپيل عملدارن وچ ۾ اليڪٽرانڪ ڊيٽا ايڪسچينج (اي ڊي آءِ) سسٽم کي فعال ڪرڻ لاءِ تيزي سان ڪم ڪري رهيون آهن، ٻنهي وزيرن ڪاروباري رابطن کي تيز ڪرڻ ۽ واپاري وفدن جي مٽاسٽا تي به اتفاق ڪيو.











