گهرو معاملن واري مملڪتي وزير سان برطانيه جي مملڪتي وزير جي ملاقات، پاڪ- برطانيه ناتن تي خيالن جي ڏي وٺ

اسلام آباد-12 ڊسمبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري مملڪتي وزير طلال چوڌري سان برطانيه جي بين الاقوامي ترقي ۽ آفريقا بابت مملڪتي وزير بيرونس چيپ مين آف ڊارلنگٽن اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ پاڪ- برطانيه ناتن ۽ گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ سيڪيورٽي ۽ ٻه طرفي تعاون کي مضبوط بڻائڻ تي خاص ڌيان ڏنو ويو. ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ …

اسلام آباد-12 ڊسمبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري مملڪتي وزير طلال چوڌري سان برطانيه جي بين الاقوامي ترقي ۽ آفريقا بابت مملڪتي وزير بيرونس چيپ مين آف ڊارلنگٽن اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ پاڪ- برطانيه ناتن ۽ گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ سيڪيورٽي ۽ ٻه طرفي تعاون کي مضبوط بڻائڻ تي خاص ڌيان ڏنو ويو. ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ اپ اسڪيل پروگرام تحت سنگين ڏوهن کي مُنهن ڏيڻ جي طريقيڪار کي اثرائتو بنائڻ سان گڏوگڏ افغان شهرين جي برطانيه منتقليءَ جي معاملي تي به اهم ڳالهه ٻولهه ٿي. ٻنهي وزيرن علائقائي سيڪيورٽي صورتحال خاص طور تي افعانستان بابت معاملن ۽ برطانيه کي موڪليل حوالگي جي درخواستن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. برونس چيپ مين آف ڊارلنگٽن برطانيه ۽ پاڪستان وچ ۾ اميگريشن تعاون کي بهتر بنائڻ لاءِ پاڪستان طرفان کنيل قدمن کي ساراهيو. مملڪتي وزير طلال چوڌري ان عزم کي ورجايو ته اپ اسڪيل پروگرام ذريعي سنگين ڏوهن کي مُنهن ڏيڻ ۽ سيڪيورٽي سهڪار کي وڌيڪ اثرائتو بڻايو ويندو. اها ملاقات پاڪستان ۽ برطانيه وچ ۾ سيڪيورٽي، قانوني مدد ۽ گڏيل ترقيءَ جي شعبن ۾ پُراڻن ناتن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي اهميت کي اجاگر ڪري ٿي.

مزید خبریں