سريلنڪا جي ٻوڏ متاثرن لاءِ پاڪستان کان اين ڊي ايم اي جي ٽين امدادي کيپ ڪولمبو پهچي وئي

اسلام آباد-12 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان حڪومت طرفان سريلنڪا ۾ هاڻوڪي ٻوڏ سبب متاثر ماڻهن لاءِ امدادي تعاون جاري آهي، ان سلسلي ۾ نيشنل ڊزاسٽر مئنجمينٽ اٿارٽي طرفان 12 ٽن امدادي سامان تي ٻَڌل ٽين کيپ ڪولمبو ايئرپورٽ پهچائي وئي آهي، جتي سريلنڪن عملدارن ان جو استقبال ڪيو. اين ڊي ايم اي جي ترجمان موجب امدادي کيپ ۾ ببل ميٽ، مڇر داڻيون، گدا، بيڊ شيٽس، ٽينٽ ۽ ترپال شامل …

اسلام آباد-12 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان حڪومت طرفان سريلنڪا ۾ هاڻوڪي ٻوڏ سبب متاثر ماڻهن لاءِ امدادي تعاون جاري آهي، ان سلسلي ۾ نيشنل ڊزاسٽر مئنجمينٽ اٿارٽي طرفان 12 ٽن امدادي سامان تي ٻَڌل ٽين کيپ ڪولمبو ايئرپورٽ پهچائي وئي آهي، جتي سريلنڪن عملدارن ان جو استقبال ڪيو. اين ڊي ايم اي جي ترجمان موجب امدادي کيپ ۾ ببل ميٽ، مڇر داڻيون، گدا، بيڊ شيٽس، ٽينٽ ۽ ترپال شامل آهن جن کي ٻوڏ سبب بي گهر متاثر ڪٽنبن جي فوري ضرورت کي نظر ۾ رکندي روانو ڪيو ويو آهي. پاڪستاني عملدارن جو چوڻ آهي ته مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ پاڪستان پنهنجي ڀاءُ ملڪ سريلنڪا سان گڏ آهي ۽ انساني همدرديءَ جي بنياد تي امدادي سرگرمين جو سلسلو جاري رهندو.

مزید خبریں