اسلام آباد-12 ڊسمبر (اي پي پي)موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ موسمياتي عملدرآمد جي اڻٽر ضرورت تي زور ڀريندي چيو ته موسمياتي قدم هاڻي رڳو اختيار نه پر بقاءَ جي گهرج بڻجي چڪا آهن. اهڙو اظهار هن ڪينيا جي گادي واري هنڌ نيروبي ۾ رٿيل گڏيل قومن جي ماحولياتي اسيمبلي (UNEA-7) جي ستين اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. هي عالمي سطح جو اعليٰ فورم …
موسمياتي قدم هاڻي رڳو اختيار نه پر بقاءَ جي گهرج بڻجي چڪا آهن: ڊاڪٽر مصدق ملڪ

مزید خبریں
اسلام آباد-12 ڊسمبر (اي پي پي)موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ موسمياتي عملدرآمد جي اڻٽر ضرورت تي زور ڀريندي چيو ته موسمياتي قدم هاڻي رڳو اختيار نه پر بقاءَ جي گهرج بڻجي چڪا آهن. اهڙو اظهار هن ڪينيا جي گادي واري هنڌ نيروبي ۾ رٿيل گڏيل قومن جي ماحولياتي اسيمبلي (UNEA-7) جي ستين اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. هي عالمي سطح جو اعليٰ فورم هڪ مضبوط ۽ لچڪدار ڌرتي لاءِ پائيدار حل طرف اڳڀرائي جي موضوع تحت منعقد ٿيو جنهن ۾ گڏيل قومن جي 193ميمبر ملڪن جي نمائندن سان گڏوگڏ سول سوسائٽي، سائنسدانن، ترقياتي ادارن ۽ نجي شعبي جي نمائندن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ عالمي ماحولياتي پاليسين جي جوڙجڪ، ترجيحن جو تعين ۽ عالمي ماحولياتي قانونن کي محفوظ بڻائڻ جي قدمن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو ته فطرت پنهنجي اصولن موجب هلي ٿي، جيڪڏهن اسان ان سان ناانصافي ڪريون ته فطرت متاثر نٿي ٿئي پر ان ناانصافي جي پوري قيمت اسان کي چڪائڻي پوي ٿي.هن پاڪستان جهڙن موسمياتي خطرن ۾ ورتل ملڪن جي وڌندڙ ڪمزورين جي نشاندهي ڪندي چيو ته لچڪ ۾ واڌ موسمياتي موافقت ۽ منصفاڻي عالمي مدد وقت جي اهم ضرورت آهي. هن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن دنيا متحد ٿي فوري ۽ موثر قدم نه کنيا ته اسرندڙ ملڪن کي مسلسل غيرمتناسب، انساني، معاشي ۽ ماحولياتي نقصانن کي منهن ڏيڻو پوندو. ڊاڪٽر مصدق ملڪ موثر عالمي حل تلاش ڪرڻ، گهڻ رخي ماحولياتي تعاون کي مضبوط بڻائڻ ۽ پائيدار مستقبل طرف اڳڀرائي لاءِ پاڪستان جي عزم کي ورجايو.











