اشڪ آباد - 12 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ترڪيه سان سياسي، توانائي، اقتصادي، دفاع ۽ سيڙپڪاري سميت گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪندي توانائي، پيٽروليم ۽ معدنيات جي ترجيحي شعبن ۾ ترڪيه جي دلچسپي ۽ سيڙپڪاري جي آجيان ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ترڪ …
وزيراعظم شهباز شريف جي ترڪ صدر رجب طيب اردوان سان ملاقات، توانائي، پيٽروليم ۽ معدنيات جي ترجيحي شعبن ۾ ترڪيه جي دلچسپي ۽ سيڙپڪاري جي آجيان

مزید خبریں
اشڪ آباد – 12 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ترڪيه سان سياسي، توانائي، اقتصادي، دفاع ۽ سيڙپڪاري سميت گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪندي توانائي، پيٽروليم ۽ معدنيات جي ترجيحي شعبن ۾ ترڪيه جي دلچسپي ۽ سيڙپڪاري جي آجيان ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ترڪ صدر رجب طيب اردوان سان اشڪ آباد ۾ عالمي فورم جي موقعي تي ملاقات ٿي جنهن ۾ ٻنهي اڳواڻن ترڪيه ۽ پاڪستان جي وچ ۾ تاريخي ۽ گهري ڀائراڻي لاڳاپن جي اهميت جو ورجاءُ ڪيو جنهن جو بنياد گڏيل قدر ۽ امن ۽ خوشحالي جي گڏيل خواهش تي آهي. وزيراعظم هلندڙ سال پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ قيادت جي سطح تي ٿيندڙ مسلسل رابطي تي اطمينان جو اظهار ڪندي ترڪيه سان سياسي، توانائي، اقتصادي، دفاع ۽ سيڙپڪاري سميت گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. وزيراعظم پاڪ ترڪ جي ايم سي جي 16هين اجلاس جي انعقاد تي اطمينان جو اظهار ڪيو جيڪو 7هين ايڇ ايل ايس سي سي جي فيصلن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائيندو. وزيراعظم توانائي، پيٽروليم ۽ معدنيات جي ترجيحي شعبن ۾ ترڪيه جي دلچسپي ۽ سيڙپڪاري جي آجيان ڪئي. وزيراعظم اهم شعبن ۾ تازو ئي صحيحون ٿيل مفاهمتي يادداشتن ۽ معاهدن تي وقت سر عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ جي اهميت تي زور ڏيندي چيو ته پاڪستان بجلي جي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين جي نجڪاري ۾ ترڪيه جي ان شعبي ۾ تجربي مان فائدو کڻڻ ۾ دلچسپي رکي ٿو. بيان موجب ان سلسلي ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ وزارتي سطح تي مٽاسٽا تمام جلد ٿيندي. وزيراعظم علائقائي رابطن جي اهميت تي زور ڏنو جنهن ۾ اسلام آباد – تهران – استنبول ريل نيٽ ورڪ جي بحالي شامل آهي. ٻنهي اڳواڻن علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن صدر رجب طيب اردوان جي جرئتمنداڻي قيادت ۽ غزه ۾ امن جي ڪوششن جي لاءِ مضبوط عزم کي ساراهيو. هن پاڪستان ۽ افغان طالبان حڪومت جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه ۾ سهولت فراهم ڪرڻ ۾ ترڪيه جي تعميري ڪردار تي ٿورا پڻ ادا ڪيا پر ان ڳالهه تي زور ڏنو ته امن تڏهن ئي ممڪن ٿيندو جڏهن پاڪستان جي سلامتي جي خدشن کي پوري طرح سان حل ڪيو وڃي. صدر رجب طيب اردوان وزيراعظم محمد شهباز شريف پاران نيڪ خواهشن تي سندس ٿورا مڃيا ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مضبوط لاڳاپا قائم ڪرڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو.











