پاڪستان جو وسيع ۽ قديم ثقافتي ورثو عالمي ماحولياتي بحران جو شڪار آهي: وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي

روم-12 ڊسمبر (اي پي پي) قومي ورثي ۽ ثقافت بابت وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي چيو آهي ته پاڪستان جو وسيع ۽ قديم ثقافتي ورثو جنهن ۾ موهن جودڙو ۽ هڙاپا جون قديم شهري تهذيبون شامل آهن، عالمي ماحولياتي بحران جو شڪار آهن. هو روم ۾ انٽرنيشنل سينٽر فار دي اسٽڊي آف پرزرويشن اينڊ ريسٽوريشن آف ڪلچرل پراپرٽي (آءِ سي سي آر او ايم) جي جنرل اسيمبلي جي موقعي تي …

روم-12 ڊسمبر (اي پي پي) قومي ورثي ۽ ثقافت بابت وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي چيو آهي ته پاڪستان جو وسيع ۽ قديم ثقافتي ورثو جنهن ۾ موهن جودڙو ۽ هڙاپا جون قديم شهري تهذيبون شامل آهن، عالمي ماحولياتي بحران جو شڪار آهن. هو روم ۾ انٽرنيشنل سينٽر فار دي اسٽڊي آف پرزرويشن اينڊ ريسٽوريشن آف ڪلچرل پراپرٽي (آءِ سي سي آر او ايم) جي جنرل اسيمبلي جي موقعي تي منعقد خاص تقريب ”ڪلچر-ڪلائميٽ نيڪسس، دي مسنگ لنڪ“ کي اهم خطاب ڪري رهيو هو. گذريل ڏينهن هتي قومي ورثي ۽ ثقافت واري وزارت طرفان جاري پڌرائي مطابق وفاقي وزير پنهنجي خطاب ۾ پاڪستان جي وسيع ۽ قديم ثقافتي ورثي جو ذڪر ڪيو جنهن ۾ موهن جودڙو ۽ هڙاپا جون قديم شهري تهذيبون، ٽيڪسلا ۽ تخت باءِ جي ٻڌ مت جا تاريخي ماڳ، لاهور قلعه ۽ شاليمار باغ جهڙا مغليه دور جا شاهڪار ۽ ملڪ جون زنده مقامي ثقافتون شامل آهن. هن چيو ته اهي سمورا تاريخي اثاثا اڄ عالمي ماحولياتي بحران جو شڪار آهن. هن 2022ع جي تباهي پکيڙيندڙ ٻوڏ جو حوالو ڏيندي ٻڌايو ته ان ٻوڏ سبب 750 کان وڌيڪ رجسٽرڊ ثقافتي هنڌن کي نقصان پهتو جن ۾ يونيسڪو جي عالمي ثقافتي ورثي وارو ماڳ موهن جودڙو به شامل آهي. هن خبردار ڪيو ته گليشيائي ڍنڍن جي اوچتو ڦاٽڻ سبب قراقرم هاءِ وي سان موجود پٿرن سان ٺهيل تصويرون ۽ ديامير ڀاشا جي علائقي جا پٽروگلفس خطري ۾ آهن، جڏهن ته سامونڊي لاٿ ۽ سمنڊ جي سطح ۾ اضافو، بنڀور ۽ مڪلي جي تاريخي قبرستان کي متاثر ڪري رهيو آهي. عالمي يڪجهتي جي اپيل ڪندي هن چيو ته ثقافتي ورثي کي موسمياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ جي حڪمت عملين سميت نيشنل ڊٽرمائينڊ ڪنٽريبيوشنز ۽ نيشنل اڊاپٽيشن پلانز ۾ هڪ اسٽريٽجڪ اثاثي طور شامل ڪيو وڃي. هن موسمياتي آفتن سبب متاثر ثقافتي ورثي لاءِ لاس اينڊ ڊيميج تحت هڪ مخصوص مالياتي سيل قائم ڪرڻ جي به تجويز پيش ڪئي. سي سي آر او ايم جي قيادت ۾ هڪ عالمي ناليج پليٽ فارم قائم ڪرڻ جي تجويز پيش ڪئي، جنهن ۾ سائنسدان، ورثي جا ماهر، مقامي برادريون ۽ نوجوان گڏجي ثقافت تي ٻڌل مضبوط ۽ پائيدار حل تيار ڪري سگهن. هن گڏيل قومن جي گلوبل اسٽاڪ ٽيڪ ۾ ثقافت تي ٻڌل اهڃاڻن کي شامل ڪرڻ جي به سفارش ڪئي، ته جيئن وڌندڙ گرمي پد سان گڏو گڏ ثقافتي نقصانن کي به ماپي سگهجي. وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي 10 کان 12 ڊسمبر 2025ع تائين جاري آءِ سي سي آر او ايم جنرل اسيمبلي ۾ پاڪستان جي وفد جي قيادت ڪري رهيو آهي.

مزید خبریں