اسلام آباد-12 ڊسمبر(اي پي پي)صنعت ۽ پيداوار بابت وزيراعظم جي خاص مددگار هارون اختر خان سان ترڪيه جي واپاري وفد ملاقات ڪئي، جنهن ۾ پاڪستان ۽ ترڪيه وچ ۾ سيڙپڪاري، جوائنٽ وينچرز ۽ ڪاروباري سهولتن کي هٿي ڏيڻ تي خيالن جي تفصيلي ڏي وٺ ڪئي وئي. اجلاس ۾ پي آءِ ڊي سي، سميڊا ۽ انجينئرنگ ڊولپمينٽ بورڊ جي چيف ايگزيڪيوٽو سميت سرڪاري ۽ خانگي شعبي جا نمائندا شريڪ ٿيا. هارون …
صنعت ۽ پيداوار بابت وزيراعظم جي خاص مددگار هارون اختر خان سان ترڪيه جي وفد جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد-12 ڊسمبر(اي پي پي)صنعت ۽ پيداوار بابت وزيراعظم جي خاص مددگار هارون اختر خان سان ترڪيه جي واپاري وفد ملاقات ڪئي، جنهن ۾ پاڪستان ۽ ترڪيه وچ ۾ سيڙپڪاري، جوائنٽ وينچرز ۽ ڪاروباري سهولتن کي هٿي ڏيڻ تي خيالن جي تفصيلي ڏي وٺ ڪئي وئي. اجلاس ۾ پي آءِ ڊي سي، سميڊا ۽ انجينئرنگ ڊولپمينٽ بورڊ جي چيف ايگزيڪيوٽو سميت سرڪاري ۽ خانگي شعبي جا نمائندا شريڪ ٿيا. هارون اختر خان چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جو ويزن برادر ملڪن سان معاشي لاڳاپا مضبوط بڻائڻ آهن. هن ٻڌايو ته هن وقت ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپاري ڳاڻيٽو هڪ ارب ڊالرن ويجهو آهي، جنهن کي پنج ارب ڊالرن تائين وڌائڻ جي صلاحيت موجود آهي. ترڪيه جي وفد چيو ته ايل سي ڊبليو سميت ڪيترائي ترڪيه جا ٽيڪسٽائل برانڊز پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ چاهين ٿا. وفد اسلام آباد، ڪراچي ۽ لاهور ۾ ترڪيه جي بئنڪ کولڻ جي به درخواست پيش ڪئي. ان حوالي سان هارون اختر خان خاطري ڪرائي ته ترڪيه جي سيڙپڪارن لاءِ ليٽر آف ڪريڊٽ ۽ بئنڪنگ سهولتن کي بهتر بڻايو ويندو. هن ٻڌايو ته پاڪستان ڪاروباري ماحول ۾ بهتري لاءِ ريگيوليٽري سڌارا متعارف ڪرائي رهيو آهي، جڏهن ته قومي پاليسي وزيراعظم جي هدايت تي تيار ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ سيڙپڪارن لاءِ اهم سهولتون شامل آهن. ترڪيه جي وفد استنبول-تهران-اسلام آباد واپاري راهداري جي جلد شروعات تي دلچسپي جو اظهار ڪيو. هارون اختر خان چيو ته پاڪستان لينڊ ليز پاليسي پرڏيهي سيڙپڪارن لاءِ صنعتڪاري جا موقعا فراهم ڪري ٿو ۽ ترڪيه جي سيڙپڪارن جي سهولت لاءِ خاص ڪميٽي به قائم ڪئي وئي آهي. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن وسيع تر شعبن ۾ سهڪار ۽ گڏيل منصوبن تي اتفاق ڪيو.











