جديد ٽيڪنالاجي تائين سڀني لاءِ منصفاڻي ۽ بنا فرق جي پهچ لازمي آهي، سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۽ عوام جي ڀلائي پاڪستان حڪومت جي اولين ترجيح آهي: وزيراعظم شهباز شريف

اشڪ آباد - 12 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف موسمياتي تبديلي، غربت ۽ اڻبرابري کي دنيا جي لاءِ وڏا چئلينجز قرار ڏيندي چيو آهي ته جديد ٽيڪنالاجي تائين سڀني جي لاءِ منصفاڻي ۽ بنا فرق جي پهچ لازمي آهي، سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۽ عوام جي ڀلائي پاڪستان حڪومت جي اولين ترجيح آهي، موسمياتي تبديلين جي ڪري ٿيندڙ نقصانن سان اسرندڙ ملڪن کي مشڪلاتون درپيش آهن، تڪرارن …

اشڪ آباد – 12 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف موسمياتي تبديلي، غربت ۽ اڻبرابري کي دنيا جي لاءِ وڏا چئلينجز قرار ڏيندي چيو آهي ته جديد ٽيڪنالاجي تائين سڀني جي لاءِ منصفاڻي ۽ بنا فرق جي پهچ لازمي آهي، سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۽ عوام جي ڀلائي پاڪستان حڪومت جي اولين ترجيح آهي، موسمياتي تبديلين جي ڪري ٿيندڙ نقصانن سان اسرندڙ ملڪن کي مشڪلاتون درپيش آهن، تڪرارن جو پرامن حل پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جو بنيادي ٿنڀ آهي، پاڪستان عالمي امن ۽ سلامتي جي فروغ جي لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، دهشتگردي جي خاتمي جي لاءِ پرعزم آهيون، عالمي برادري افغان طالبان رجيم تي زور ڏي ته اها پنهنجي سرزمين تان دهشتگرد ڪارروايون بند ڪرائي، پاڪستان فلسطيني عوام ۽ بهادر ڪشميرين جي خودمختياري جي بنيادي حق جي لاءِ ڪئي ويندڙ ڪوششن جي حمايت ڪندو رهندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن امن ۽ اعتماد بابت عالمي سال، غيرجانبداري بابت عالمي ڏهاڙي ۽ ترڪمانستان جي 30 سالا مستقل غيرجانبداري جي سالگرهه جي حوالي سان منعقد فورم کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته اشڪ آباد جهڙي خوبصورت شهر ۾ موجودگي منهنجي لاءِ خوشي جوڳي آهي، اڇي سنگ مرمر جي خوبصورتي ۽ ترڪمان عوام جي گرمجوشي ساراهه جوڳي آهي. هن چيو ته جيتوڻيڪ هي ترڪمانستان جو منهنجو پهريون دورو آهي پر آئون پنهنجو پاڻ کي هتي قطعي طور تي اجنبي محسوس نه ڪري رهيو آهيان، ترڪمانستان جي مهمان نوازي پنهنجو مثال پاڻ آهي، مهمان کي گهرڀاتين کان وڌيڪ احترام ڏيڻ ترڪمانستان جي روايت آهي، ترڪمانستان جو قومي اڳواڻ قربان گلي بردي محمدوف ۽ ترڪمانستان جو صدر سردار بردي محمدوف منهنجي لاءِ ڀائرن وانگر آهن ۽ پاڪستان ۽ ترڪمانستان جي دوستي کي مضبوط بڻائڻ ۾ انهن جو اهم ڪردار آهي. وزيراعظم چيو ته ترڪمانستان جي قيادت کي مستقل غيرجانبداري جا 30 سال مڪمل ٿيڻ ۽ 2025ع کي گڏيل قومن پاران امن ۽ اعتماد جو سال قرار ڏيڻ جي ڪامياب ڪوششن تي مبارڪباد ڏيان ٿو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان هلندڙ سال سلامتي ڪائونسل ۾ غيرمستقل ميمبر جي طور تي پنهنجون ذميواريون سنڀاليون ۽ عالمي امن ۽ سلامتي جي فروغ جي لاءِ پاڪستان ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، دهشتگردي جي خاتمي جي لاءِ پرعزم آهيون. هن چيو ته دهشتگردي جو خطرو افغان سرزمين تان ڪَر کڻي رهيو آهي، ان خطري کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ڪوششون ڪيون پيون وڃن ان سان گڏوگڏ عالمي برادري کي به گهرجي ته اها افغان طالبان رجيم تي زور ڏي ته اها پنهنجون عالمي ذميواريون ۽ واعدا پورا ڪري ۽ پنهنجي سرزمين تان دهشتگردي جون ڪارروايون ڪندڙ دهشتگردن کي روڪي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان مستقل جنگبندي جي لاءِ قطر، ترڪيه، سعودي عرب، گڏيل عرب امارات ۽ ايران جي پرخلوص ڪوششن جي آجيان ڪري ٿو، تڪرارن جو پرامن حل پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جو بنيادي ٿنڀ آهي، پاڪستان جي حمايت سان غزه امن منصوبو منظور ٿيو جنهن جي بعد ۾ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل پڻ توثيق ڪئي، هلندڙ سال جي شروع ۾ گڏيل قومن جي قرارداد 2788 جي منظوري تڪرارن جي پرامن حل جي لاءِ پاڪستان جي عزم جي ڀرپور عڪاسي ڪري ٿي، 8 عرب اسلامي ملڪن جي گروپ جي ميمبر جي حيثيت سان اسان کي اميد آهي ته وچ اوڀر ۾ جاري امن جي ڪوششن سان بيگناهه فلسطينين جي جانين جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ ۾ مدد ملندي ۽ مستقل ۽ پائيدار جنگبندي، انساني همدرديءَ جي بنياد تي امداد جي مستقل فراهمي کي يقيني بڻائي سگهبو ۽ غزه جي نئين سر تعمير ۾ مدد ملندي. هن چيو ته وچ اوڀر ۾ پائيدار جنگبندي ۽ انساني همدرديءَ جي بنياد تي امداد جي فراهمي ضروري آهي، پاڪستان فلسطيني عوام ۽ بهادر ڪشميرين جي بنيادي حق، خودمختياري جي حق جي لاءِ سمورين ڪوششن جي حمايت ڪندو رهندو، پائيدار امن جي خواهش پائيدار ترقي سان واڳيل آهي، ان سلسلي ۾ 2030ع جي پائيدار ترقي جي ايجنڊا هڪ بهتر ۽ پرامن دنيا جي لاءِ تمام اهم آهي، سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۽ عوام جي ڀلائي پاڪستان حڪومت جي اولين ترجيح آهي. هن چيو ته اسان مالياتي شموليت جي شعبي ۾ اڳڀرائي سان گڏوگڏ عورتن ۽ ڪمزور طبقن کي اقتصادي ڌارا ۾ آڻڻ جي لاءِ موثر قدم کنيا آهن. گلوبل وارمنگ جي حوالي سان هن چيو ته پاڪستان صاف ۽ سرسبز ماحول جي لاءِ حل پيش ڪيا آهن ۽ ان حوالي سان اسان جا قدم عالمي مثال آهن. هن چيو ته موسمياتي تبديلين جي ڪري ٿيندڙ نقصانن سان اسرندڙ ملڪن کي مشڪلاتون درپيش آهن، اسان کي ٻوڏ جي ڪري وڏي پئماني تي جاني ۽ مالي نقصان کي منهن ڏيڻو پيو آهي، موسمياتي تبديلي، غربت ۽ اڻبرابري دنيا جي لاءِ وڏا چئلينجز آهن، اهو هڪ عالمي خطرو آهي جيڪو گڏيل ذميواري تحت عملي قدمن جو گهرجائو آهي، جديد ٽيڪنالاجي خاص طور تي ڊيجيٽل ٽيڪنالاجي تائين منصفاڻي ۽ بنا فرق جي پهچ لازمي آهي.

مزید خبریں