حيدرآباد-09 ڊسمبر (اي پي پي) حيدرآباد جي فورٽ ٿاڻي جي حد ۾ ريلوي ڪالوني جي هڪ ڪچي گهر ۾ پر اسرار طور تي باهه لڳڻ سبب اٽڪل 40 ورهين جي عورت مسمات عجيبا ملاح زال غلام شبير سڙي فوت ٿي وئي جنهن جي لاش کي ايڌي جي رضا ڪارن سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪري ڇڏيو . ان سلسلي ۾ ايس ايس پي حيدرآباد جي ترجمان جو چوڻ آهي ته واقعي …
حيدرآباد جي فورٽ ٿاڻي جي حد ۾ ريلوي ڪالوني جي گهر ۾ پراسرار طور باهه لڳڻ سبب هڪ عورت سڙي فوت

مزید خبریں
حيدرآباد-09 ڊسمبر (اي پي پي) حيدرآباد جي فورٽ ٿاڻي جي حد ۾ ريلوي ڪالوني جي هڪ ڪچي گهر ۾ پر اسرار طور تي باهه لڳڻ سبب اٽڪل 40 ورهين جي عورت مسمات عجيبا ملاح زال غلام شبير سڙي فوت ٿي وئي جنهن جي لاش کي ايڌي جي رضا ڪارن سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪري ڇڏيو . ان سلسلي ۾ ايس ايس پي حيدرآباد جي ترجمان جو چوڻ آهي ته واقعي وقت فوتي عورت جو مڙس پنهنجي 3 ٻارن سان گڏجي سيلاني وٽ نيرن ڪرڻ جي لاءِ ويل هو جڏهن ته عورت ننڊ ۾ ستل هئي باهه لڳڻ کان پوءِ ٻارن ۽ اوڙي پاڙي وارن دانهون ڪيون پر عورت ننڊ مان نه اٿي. ترجمان جو چوڻ آهي ته لاش جو پوسٽ مارٽم ٿيڻ کان پوءِ موت جو ڪارڻ معلوم ٿي سگهندو. هوڏانهن ريسڪيو 1122 جي ٽيم واقعي واري هنڌ پهچي باهه کي وسايو. ريسڪيو جي ترجمان جو چوڻ آهي ته گهر اندر وڏي مقدار ۾ ڪچرو ۽ لنڊي جو سامان رکيل هو جن ۾ گهڻي ڀاڱي پراڻا ڪپڙا شامل هئا. انهن ڪپڙن مان ئي باه ڀڙڪڻ سبب واقعو پيش آيو آهي ، ٻئي طرف ايڌي جي ترجمان جو چوڻ آهي ته واقعي کان پوءِ لاش سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪيو ويو ته اسپتال جي عملي لاش کي مرده خاني ۾ لاهڻ نه ڏنو ۽ ڊرائيور سان بد تميزي ڪئي. ترجمان موجب پوليس چئن ڪلاڪن کان پوءِ اسپتال پهتي جنهن بعد ڊاڪٽرن لاش وصول ڪيو.











