اسلام آباد - 04 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ڪرغزستان جي صدر صادر زپاروف جي وچ ۾ ٻطرفي ملاقات ٿي جنهن ۾ واپار، توانائي، مواصلات ۽ ٻين مختلف شعبن ۾ گڏيل تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم 20 سالن کانپوءِ ڪرغزستان جي سربراهه جي پاڪستان جي دوري کي انتهائي خوش آئنده قرار ڏيندي چيو ته …
وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ڪرغزستان جي صدر صادر زپاروف ۾ ٻطرفي ملاقات
اسلام آباد – 04 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ڪرغزستان جي صدر صادر زپاروف جي وچ ۾ ٻطرفي ملاقات ٿي جنهن ۾ واپار، توانائي، مواصلات ۽ ٻين مختلف شعبن ۾ گڏيل تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم 20 سالن کانپوءِ ڪرغزستان جي سربراهه جي پاڪستان جي دوري کي انتهائي خوش آئنده قرار ڏيندي چيو ته ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ ۾ صدر صادر زپاروف جو هي دورو انتهائي ڪارائتو ثابت ٿيندو. ملاقات ۾ صدر صادق زپاروف پاڪستان ۾ شاندار استقبال تي وزيراعظم محمد شهباز شريف جا ٿورا مڃيا. صدر صادر زپاروف پاڪستان سان مختلف شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ ۽ گڏيل حصيداري جا نوان موقعا ڳولڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ چيف آف آرمي اسٽاف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار، نيشنل سيڪيورٽي ايڊوائيزر ليفٽيننٽ جنرل عاصم ملڪ ۽ خاص معاون طارق فاطمي پڻ موجود هئا.











