اسلا آباد- 04 ڊسمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق سريلنڪا، انڊونيشيا، ملائيشيا ۽ ٿائيلينڊ ۾ ٻوڏ سبب ٿيل جاني ۽ مالي نقصان تي ڏک ۽ افسوس جو اظھار ڪيو آھي. پنھنجي پيغام ۾ اسپيڪر ٻوڏ سبب متاثر خاندانن، ملڪن جي پارليامينٽ ميمبرن، عوام ۽ حڪومتن سان تعزيت، ھمدردي ۽ يڪجھتي جو اظھار ڪيو. ھن ٻوڏ سبب متاثر ملڪن جي بحالي ۽ امداد لاءِ عالمي سھڪار …
قومي اسيمبلي جي اسپيڪر پاران سريلنڪا، انڊونيشيا، ملائيشيا ۽ ٿائيلينڊ ۾ ٻوڏ سبب ٿيل جاني ۽ مالي نقصان تي افسوس جو اظھار
اسلا آباد- 04 ڊسمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق سريلنڪا، انڊونيشيا، ملائيشيا ۽ ٿائيلينڊ ۾ ٻوڏ سبب ٿيل جاني ۽ مالي نقصان تي ڏک ۽ افسوس جو اظھار ڪيو آھي. پنھنجي پيغام ۾ اسپيڪر ٻوڏ سبب متاثر خاندانن، ملڪن جي پارليامينٽ ميمبرن، عوام ۽ حڪومتن سان تعزيت، ھمدردي ۽ يڪجھتي جو اظھار ڪيو. ھن ٻوڏ سبب متاثر ملڪن جي بحالي ۽ امداد لاءِ عالمي سھڪار جي ضرورت تي زور ڀريو ۽ چيو ته عالمي برادري ٻوڏ متاثر ملڪن جي رليف ۽ بحالي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي. قدرتي آفتون موسمياتي تبديلين جو نتيجو آھن. موسمياتي تبديلين جي اثرن کي منھن ڏيڻ لاءِ عالمي سطح تي گڏيل حڪمت عملي اختيار ڪرڻ اڻٽر آھي. پاڪستان پڻ موسمياتي تبديلين سبب متاثر ملڪن ۾ شامل آھي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ٻوڏ متاثرن جي جلدي بحالي لاءِ اجتماعي ڪوششن جي ضرورت تي پڻ زور ڀريو.











