اسلام آباد-04 ڊسمبر (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته قومي مالياتي ڪميشن جو ڪردار ملڪ ۾ وسيلن جي منصفاڻي ورڇ، مالياتي استحڪام ۽ پائيدار معاشي ترقي لاءِ بنيادي اهميت رکي ٿو، 11 هين اين ايف سي ايوارڊ جي معاملن کي ڪاميابي سان پڄاڻي تائين پهچائڻ اسان جي منزل آهي. هن اهڙو اظهار ناڻي واري وزارت ۾ 11 هين قومي مالياتي ڪميشن جي افتتاحي …
يارهين اين ايف سي ايوارڊ جي معاملن کي ڪاميابي سان پڄاڻي تائين پهچائڻ اسان جي منزل آهي: ناڻو وارو وفاقي وزير محمد اورنگزيب
اسلام آباد-04 ڊسمبر (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته قومي مالياتي ڪميشن جو ڪردار ملڪ ۾ وسيلن جي منصفاڻي ورڇ، مالياتي استحڪام ۽ پائيدار معاشي ترقي لاءِ بنيادي اهميت رکي ٿو، 11 هين اين ايف سي ايوارڊ جي معاملن کي ڪاميابي سان پڄاڻي تائين پهچائڻ اسان جي منزل آهي. هن اهڙو اظهار ناڻي واري وزارت ۾ 11 هين قومي مالياتي ڪميشن جي افتتاحي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. ناڻي واري وزير پنهنجي شروعاتي لفظن ۾ وڏن وزيرن، ناڻي وارن صوبائي وزيرن، ناڻي وارن صوبائي سيڪريٽرين، سيڪريٽريز ۽ ٻين ميمبرن جو 11 هين نيشنل فنانس ڪميشن جي افتتاحي اجلاس ۾ شرڪت تي ٿورو مڃيندي چيو ته اڄ هي اجلاس اسان جي لاءِ آئيني ذميواري ۽ گڏيل تعاون جو اهم موقعو آهي. هي معزز فورم پاڪستان جي آئين جي آرٽيڪل 150 تحت قائم ڪيو ويو هو، ناڻي واري وزير چيو ته 10 هين اين ايف سي ايوارڊ جو مدو 21 جولاءِ 2025ع تي پورو ٿي چڪو آهي ۽ ان ڏس ۾ هن اجلاس جي اهميت وڌيڪ وڃي ٿي. ناڻي واري وزير چيو ته وفاقي حڪومت جو واضح ۽ پختو عزم هو ته 11 هين اين ايف سي جو افتتاحي اجلاس ڪنهن دير کانسواءِ گهرايو وڃي. وزيراعظم پاڻ ان ڳالهه ۾ گهري دلچسپي ورتي ته هي اجلاس جلد کان جلد ٿئي ۽ صوبن به ان آئيني ذميواري کي وقت سر ادا ڪرڻ جو ڀرپور ارادو ظاهر ڪيو. هن چيو ته پنجاب، خيبرپختونخوا ۽ سنڌ ۾ آيل تباهي آڻيندڙ ٻوڏ سبب اجلاس ملتوي ڪرڻو پيو. اين ايف سي جي حوالي سان قياس آراين ۽ خدشن جو بهترين حل مخلصاڻيون ۽ شفاف ڳالهيون آهن. اڄ اسان هتي کليل ذهن ۽ بنا ڪنهن تعصب جي موجود آهيون ۽ اسان جي پهرين ترجيح هڪٻئي جي ڳالهه ٻڌڻ آهي. وفاقي حڪومت هتي صوبن جي موقف کي ٻڌڻ لاءِ موجود آهي. ناڻي واري وزيرچيو ته کيس اميد آهي ته صوبا به هڪٻئي سان تعميري تعاون جي جذبي سان اڳتي وڌندا. صوبن طرفان قومي مالياتي معاهدي تي صحيحيون انتهائي قدر جوڳو قدم آهي ۽ هي اسان جي گڏيل عزم ۽ قومي مفاد ۾ گڏجي ڪم ڪرڻ جي صلاحيت جو ثبوت آهي. صوبن طرفان لازمي سرپلسز کي حاصل ڪرڻ ۽ آءِ ايم ايف پروگرام تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ تي تعاون واکاڻ جوڳو آهي. ناڻي واري وزير چيو ته هن سال ملڪ کي ڀارت طرفان غير معمولي خطرن ۽ شديد ٻوڏن جهڙن چئلينجز کي منهن ڏيڻو پيو، انهن ڏکين حالتن ۾ اسان هڪ مضبوط وفاق جي صورت ۾ متحد بيٺل رهياسين ۽ اهو ئي جذبو آهي جنهن کي اسان 11 هين اين ايف سي ايوارڊ جي عمل ۾ به برقرار ڏسڻ چاهيون ٿا. هن چيو ته اين ايف سي جو ڪردار ملڪ ۾ وسيلن جي منصفاڻي ورڇ، مالياتي استحڪام ۽ پائيدار معاشي ترقي لاءِ بنيادي اهميت رکي ٿو، هي فورم اسان کي موقعو ڏي ٿو ته اسان بهترين حڪومتي ذهنن کي هڪ هنڌ گڏ ڪري گڏيل سوچ ۽ گڏيل سکڻ جي عمل کي اڳتي وڌايون. ايندڙ هفتن ۽ مهينن ۾ اهي بامقصد ۽ تعميري بحث جاري رهندا ۽ اميد آهي ته سمورا ميمبر بامعنيٰ ۽ جامع ڳالهين لاءِ ڀرپور عزم سان اڳتي وڌندا. ناڻي واري وزير چيو ته هڪٻئي جي ڳالهه ٻڌڻ ۽ گڏيل اتحاد، تعاون ۽ گڏيل احترام جي جذبي سان معاملن کي اڳتي وڌائينداسين ۽ 11 هين اين ايف سي ايوارڊ جي معاملن کي ڪاميابي سان پڄاڻي تائين پهچائڻ اسان جي منزل آهي.











