اسلام آباد-04 ڊسمبر (اي پي پي) ڪرغزستان جي صدر صادر زپاروف جو وزيراعظم هائوس پُهچڻ تي شاندار استقبال ڪيو ويو. وزيراعظم محمد شهباز شريف معزز مهمان جي آجيان ڪئي ۽ ٻنهي اڳواڻن گرمجوشي سان هٿ ملايو. خميس ڏينهن وزيراعظم هائوس پهچڻ تي ڪرغزستان جي صدر جي اعزاز ۾ هڪ باضابطه آجياڻي واري تقريب منعقد ڪئي وئي. هٿياربند فوج جي دستي کيس گارڊ آف آنر پيش ڪيو. ڪرغز صدر گارڊ آف …
ڪرغزستان جي صدر صادر زپاروف جو وزيراعظم هائوس پُهچڻ تي شاندار استقبال
اسلام آباد-04 ڊسمبر (اي پي پي) ڪرغزستان جي صدر صادر زپاروف جو وزيراعظم هائوس پُهچڻ تي شاندار استقبال ڪيو ويو. وزيراعظم محمد شهباز شريف معزز مهمان جي آجيان ڪئي ۽ ٻنهي اڳواڻن گرمجوشي سان هٿ ملايو. خميس ڏينهن وزيراعظم هائوس پهچڻ تي ڪرغزستان جي صدر جي اعزاز ۾ هڪ باضابطه آجياڻي واري تقريب منعقد ڪئي وئي. هٿياربند فوج جي دستي کيس گارڊ آف آنر پيش ڪيو. ڪرغز صدر گارڊ آف آنر جو معائنو ڪيو. ان موقعي تي ٻنهي ملڪن جا قومي ترانا پڻ وڄايا ويا. ڪرغز صدر پنهنجي وفد جي ميمبرن جو وزيراعظم محمد شهباز شريف سان تعارف ڪرايو، جڏهن ته وزيراعظم شهباز شريف پُڻ ڪابينا جي ميمبرن جو ڪرغز صدر سان تعارف ڪرايو. ڪرغز صدر وزيراعظم هائوس جي احاطي ۾ هڪ ٻوٽو پڻ لڳايو.











