اسلام آباد – 03 ڊسمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان ڪرغزستان جي پرڏيهي وزير زين بيڪ ڪلولو بائيوو پرڏيهي وزارت ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب ملاقات دوران ڌرين پاڪ – ڪرغزستان ٻطرفي لاڳاپن جي سمورن رخن جو جائزو ورتو جن ۾ سياسي، معاشي، توانائي، رابطي، ثقافتي ۽ تعليمي تعاون شامل آهن جيڪي ڪرغزستان جي صدر صادر زپاروف جي …
نائب وزيراعظم اسحاق ڊار سان ڪرغزستان جي پرڏيهي وزير جي ملاقات، گڏيل دلچسپي جي معاملن سميت علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ
اسلام آباد – 03 ڊسمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان ڪرغزستان جي پرڏيهي وزير زين بيڪ ڪلولو بائيوو پرڏيهي وزارت ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب ملاقات دوران ڌرين پاڪ – ڪرغزستان ٻطرفي لاڳاپن جي سمورن رخن جو جائزو ورتو جن ۾ سياسي، معاشي، توانائي، رابطي، ثقافتي ۽ تعليمي تعاون شامل آهن جيڪي ڪرغزستان جي صدر صادر زپاروف جي پاڪستان جي دوري بابت آهن. ٻنهي طرفن انهن مختلف ٻطرفي معاهدن جو پڻ جائزو ورتو جيڪي ان دوري دوران صحيحون ڪيا ويندا. ڌرين پاڪستان – ڪرغزستان ٻطرفي سياسي مشاورت ۽ بين الحڪومتي ڪميشن جو باقاعده اجلاس منعقد ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ته جيئن ٻطرفي لاڳاپن جي مڪمل صلاحيت مان فائدو کڻي سگهجي. ٻنهي اڳواڻن ٻطرفو اقتصادي تعاون وڌيڪ وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ۽ ان ڳالهه تي اطمينان ظاهر ڪيو ته دوري جي موقعي تي بزنس فورم منعقد ڪيو پيو وڃي. ٻنهي پرڏيهي وزيرن اها اميد پڻ ظاهر ڪئي ته ٽرانزٽ ٽريڊ معاهدي جي جلد تڪميل سان 100 ملين آمريڪي ڊالر جي ٻطرفي واپار جي هدف کي حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملندي. ٻنهي طرفن ڪاسا – 1000 منصوبي جي وقت سر ۽ موثر لاڳو جي پنهنجي گڏيل عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن پاڪستان ۽ ڪرغزستان جي وچ ۾ محفوظ، پائيدار ۽ اسٽريٽجڪ رابطن جي اهميت تي پڻ زور ڏنو ته جيئن ٻطرفي ئي نه پر علائقائي واپار کي پڻ وڌيڪ فروغ ڏئي سگهجي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار پاڪستاني شاگردن ۽ ڪارڪنن جي ميزباني تي ڪرغزستان حڪومت ۽ عوام جا ٿورا مڃيا ۽ عوامي رابطن جي فروغ جي لاءِ تعاون کي اداراجاتي شڪل ڏيڻ ۽ وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. اسحاق ڊار ڏکڻ ايشيا ۾ امن ۽ سلامتي کي درپيش خطرن کي اجاگر ڪندي علائقائي ملڪن پاران تحمل ۽ ذميواراڻو طرز عمل اختيار ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو. هن ان ڳالهه کي پڻ نمايان ڪيو ته ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار جو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن موجب پرامن حل ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن جي لاءِ لازمي آهي. نائب وزيراعظم دهشتگردي جي خطري کي منهن ڏيڻ ۽ افغانستان جي سرزمين کي پاڪستان سميت ڪنهن به ملڪ جي خلاف استعمال ٿيڻ کان روڪڻ جي لاءِ مڪالمي ۽ سفارتڪاري جي اهميت تي پڻ زور ڏنو. هن ان خواهش جو اظهار ڪيو ته افغانستان هڪ مستحڪم، علائقائي طور تي واڳيل ملڪ هجي جيڪو پنهنجي عوام ۽ پاڙيسري ملڪن سان امن ۾ رهي. ٻنهي پرڏيهي وزيرن گڏيل قومن، شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او)، او آءِ سي ۽ اي سي او سميت سمورن فورمز تي ويجهو تعاون جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو ته جيئن خطي ۾ امن ۽ سلامتي سان گڏوگڏ ترقي ۽ خوشحالي کي فروغ ڏئي سگهجي.











