نوجوانن کي جديد تعليم ۽ ٽيڪنالاجي سان ليس ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي: وفاقي وزير خالد حسين مگسي

اسلام آباد-03 ڊسمبر (اي پي پي) سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير خالد حسين مگسي چيو آهي ته نوجوانن کي جديد تعليم ۽ ٽيڪنالاجي سان ليس ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، قوم جو مستقبل انهن ئي گريجوئيٽس سان لاڳاپيل آهي جيڪي پاڪستان کي ترقي جي نئين بلندين تائين وٺي وڃي سگهن ٿا. سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت مان جاري بيان موجب وفاقي وزير نيشنل يونيورسٽي آف ٽيڪنالاجي جي چوٿين …

اسلام آباد-03 ڊسمبر (اي پي پي) سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير خالد حسين مگسي چيو آهي ته نوجوانن کي جديد تعليم ۽ ٽيڪنالاجي سان ليس ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، قوم جو مستقبل انهن ئي گريجوئيٽس سان لاڳاپيل آهي جيڪي پاڪستان کي ترقي جي نئين بلندين تائين وٺي وڃي سگهن ٿا. سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت مان جاري بيان موجب وفاقي وزير نيشنل يونيورسٽي آف ٽيڪنالاجي جي چوٿين ڪانووڪيشن ۾ شرڪت ڪئي جتي 244 ايم ايس ۽ بي ايس شاگردن پنهنجون ڊگريون حاصل ڪيون. هي موقعو نيوٽيڪ جي 7 سالن جي تعليم جي ڪامياب پڄاڻي جي به نشاندهي ڪري ٿو. تقريب کي خطاب ڪندي وفاقي وزير خالد حسين مگسي چيو ته گذريل 7 سالن ۾ نيوٽيڪ 700 کان وڌيڪ ايم ايس ۽ بي ايس گريجوئيٽس پيدا ڪيا آهن ۽ هن انجنيئرنگ ۽ ٽيڪنالاجي ۾ 22 انڊ گريجوئيٽ ۽ گريجوئيٽ پروگرامز جاري ڪيا آهن. هن خاطري ڪرائي ته يونيورسٽي لگن ۽ عزم سان پنهنجي ترقي جاري رکندي. وفاقي وزير گريجوئيٽس، سندن والدين ۽ فيڪلٽي ميمبرن کي ان ڪاميابي تي مبارڪون ڏنيون. هن گريجوئيٽس جي اهم ڪردار تي زور ڀريو، جيڪي انجنيئرز، آءِ ٽي ماهرن ۽ ٽيڪنالوجسٽ جي حيثيت سان قومي ترقي ۾ حصو وجهندا ۽ کين پنهنجو علم ۽ صلاحيتون ملڪ لاءِ وقف ڪرڻ جي ترغيب ڏين. نيوٽيڪ جي صنعت سان تعاون کي اجاگر ڪندي وفاقي وزير يونيورسٽي جي قومي صنعتي چيمبرز، ايسوسيئيشنز ۽ وڏن صنعتي ادارن سان ڪيل حصيداري جي تعريف ڪئي، جيڪا شاگردن کي فني ۽ هنرمند تربيت فراهم ڪندي آهي ۽ معاشرتي ترقي ۽ اقتصادي خوشحالي ۾ مددگار ثابت ٿيندي آهي. وفاقي وزير نيوٽيڪ جي عالمي ڪاميابين جي به واکاڻ ڪئي ۽ ان کي ٽيڪنالاجي، ترقي ۽ جدت ۾ عالمي اڳواڻ قرار ڏنو، گڏ ئي ان جي سائنس انٽر سپلينري رينڪنگ ۾ ٽاپ 500 يونيورسٽيز ۾ شموليت کي ساراهيو. هن فيڪلٽي ۽ اسٽاف جي محنت کي به ساراهيو، جن يونيورسٽي جي ويزن ۽ مشن کي حقيقت ۾ بدلائڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو آهي. وفاقي وزير خالد حسين مگسي سمورن گريجوئيٽس ۽ ايوارڊ حاصل ڪندڙن کي مبارڪون ڏنيون ۽ کين صنعنت، معاشري ۽ ملڪ جي خدمت ۾ اهم ڪردار ادا ڪرڻ جي ترغيب ڏني. هن چيو ته هي ڪانووڪيشن علم کي عملي طور تي لاڳو ڪرڻ وسيلي قوم جي تعمير ۾ هڪ نئين شروعات جي نمائندگي ڪري ٿو.