نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي ملائيشيا جي پرڏيهي وزير کي ٽيليفون، ٻوڏ سبب جاني نقصان تي افسوس جو اظهار

اسلام آباد – 03 ڊسمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ملائيشيا جي پرڏيهي وزير داتوسري محمد حسن کي ٽيليفون ڪئي ۽ تازي ٻوڏ سبب جاني نقصان ۽ بي گهر ٿيندڙ شهرين جي لاءِ گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار ملائيشيا جي پرڏيهي وزير داتوسري محمد حسن کي ٽيليفون ڪئي ۽ …

اسلام آباد – 03 ڊسمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ملائيشيا جي پرڏيهي وزير داتوسري محمد حسن کي ٽيليفون ڪئي ۽ تازي ٻوڏ سبب جاني نقصان ۽ بي گهر ٿيندڙ شهرين جي لاءِ گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار ملائيشيا جي پرڏيهي وزير داتوسري محمد حسن کي ٽيليفون ڪئي ۽ کيس ٻڌايو ته پاڪستان مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ ملائيشيا جي عوام سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪري ٿو. هن امداد ۽ بحالي جي قدمن ۾ تعاون جي آڇ پڻ ڪئي ۽ چيو ته اسان هر ممڪن مدد فراهم ڪرڻ جي لاءِ تيار آهيون.