اسلام آباد-03 ڊسمبر (اي پي پي) سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سيدال خان ان ڳالهه تي زور ڀريو آهي ته سڄي ملڪ ۾ پهچ جوڳي انفرا اسٽرڪچر، خصوصي تعليمي ادارن، سپورٽ سروسز، ٽرانسپورٽ جون آسانيون ۽ جامع پاليسين جو تسلسل خصوصي ماڻهن جي زندگين ۾ مثبت تبديلي آڻي سگهي ٿو. سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري بيان موجب سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سيدال خان خصوصي ماڻهن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي …
خصوصي ماڻهن کي عزت، برابري ۽ باوقار زندگي گذارڻ جا سمورا موقعا فراهم ڪرڻ رياست ۽ معاشري جي گڏيل ذميواري آهي: سيدال خان
اسلام آباد-03 ڊسمبر (اي پي پي) سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سيدال خان ان ڳالهه تي زور ڀريو آهي ته سڄي ملڪ ۾ پهچ جوڳي انفرا اسٽرڪچر، خصوصي تعليمي ادارن، سپورٽ سروسز، ٽرانسپورٽ جون آسانيون ۽ جامع پاليسين جو تسلسل خصوصي ماڻهن جي زندگين ۾ مثبت تبديلي آڻي سگهي ٿو. سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري بيان موجب سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سيدال خان خصوصي ماڻهن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته هي ڏينهن اسان کي ان ڳالهه جي يادگيري ڏياري ٿو ته خصوصي ماڻهو معاشري جو اهو اهم حصو آهن جنهن کي عزت، برابري ۽ باوقار زندگي گذارڻ جا اهي سمورا موقعا فراهم ڪرڻ رياست ۽ معاشري جي گڏيل ذميواري آهي جن جا هو پوري طرح مستحق آهن. هن چيو ته هڪ مهذب معاشرو هميشه پنهنجي ڪمزور طبقن جي سارسنڀال ڪندو آهي ۽ خصوصي ماڻهن جي شموليت، ڀلائي ۽ بااختيار بڻائڻ لاءِ سنجيده قدم ترقي يافته معاشرن جي سڃاڻپ آهن. سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين چيو ته خصوصي ماڻهن جوي صلاحيتون ڪنهن به لحاظ کان گهٽ ناهن هونديون، اصل رڪاوٽون اهي سماجي ۽ معاشرتي بندشون، سهولتن جي کوٽ ۽ رسائي جا مسئلا آهن، جيڪي انهن کي اڳتي وڌڻ ۾ مشڪلاتون پيدا ڪن ٿا. هن زور ڀريندي چيو ته اسان کي هڪ اهڙو معاشرو جوڙڻو پوندو جتي هر شهري کي هڪجهڙا موقعا حاصل ٿيندا ۽ خصوصي ماڻهن کي تعليم، صحت، روزگار ۽ ضروري سهولتن تائين آسان پهچ ميسر ٿي سگهي. هن چيو ته سينيٽ خصوصي ماڻهن جي حقن جي تحفظ، ڀلائي ۽ ترقي ۽ بهتر مستقبل لاءِ قانونسازي کي اولين ترجيح ڏئي رهيو آهي، پارليامينٽ هميشه اهڙن قدمن جي حوصلا افزائي ڪئي آهي جن ذريعي خصوصي ماڻهن جي معاشرتي، اقتصادي ۽ سياسي شموليت کي مضبوط بڻائي سگهجي. هن چيو ته خصوصي ماڻهن کي معياري تعليم، اسڪل ڊولپمينٽ، فني ٽريننگ، صحت جي بهتر سهولتن ۽ بهتر انفرا اسٽرڪچر جي فراهمي لاءِ جامع ڪوششون اڻٽر آهن. هن وڌيڪ چيو ته سرڪاري ادارن، نجي شعبي ۽ سول سوسائٽي کي گڏيل طور تي اهڙي حڪمت عملي اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي جنهن ذريعي خصوصي ماڻهن لاءِ هڪ اهڙو ماحول فراهم ڪري سگهجي جيڪو کين خودمختيار ۽ بااعتماد شهري بڻائڻ ۾ مددگار ثابت ٿئي. پاڪستان ۾ ان حوالي سان ڪم ڪندڙ ادارن، اين جي اوز ۽ عالمي تنظيمن جون خدمتون واکاڻ جوڳيون آهن ۽ ضروري آهي ته انهن جي تجربي ۽ مدد مان وڌيڪ فائدو کنيو وڃي ته جيئن ملڪ ۾ خصوصي ماڻهن جي بحالي، تربيت ۽ ڀلائي جي نظام کي جديد گهرجن موجب مستحڪم ڪري سگهجي.











