اسلام آباد-03 ڊسمبر (اي پي پي) انساني حقن واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ سان يو اين ويمن جي ريجنل ڊئريڪٽر ڪرسٽين عرب ۽ يو اين ويمن جي ڪنٽري نمائندي جمشيد قاضي سان گڏ انساني حقن واري وزارت جي آفيس ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۾ عورتن جي بااختياري ۽ صنفي برابري لاءِ کنيل قدمن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزارت مان جاري بيان موجب وفاقي …
انساني حقن واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ سان يو اين ويمن جي ريجنل ڊئريڪٽر جي ملاقات
اسلام آباد-03 ڊسمبر (اي پي پي) انساني حقن واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ سان يو اين ويمن جي ريجنل ڊئريڪٽر ڪرسٽين عرب ۽ يو اين ويمن جي ڪنٽري نمائندي جمشيد قاضي سان گڏ انساني حقن واري وزارت جي آفيس ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۾ عورتن جي بااختياري ۽ صنفي برابري لاءِ کنيل قدمن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزارت مان جاري بيان موجب وفاقي وزير ٻڌايو ته پاڪستان حڪومت عورتن جي حقن کي مضبوط بڻائڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي، آئين، قانون ۽ مختلف پاليسين ذريعي عورتن جي قومي زندگي ۾ مڪمل سهڪار کي يقيني بڻايو پيو وڃي ۽ کين تشدد، اڻبرابري ۽ معاشي محرومي کان محفوظ رکڻ تي خاص ڌيان ڏنو پيو وڃي. وفاقي وزير انساني حقن واري وزارت، عورتن جي وقار بابت قومي ڪميشن (اين سي ايس ڊبليو)، انساني حقن بابت قومي ڪميشن (اين سي ايڇ آر)، فلاحي مرڪزن ۽ هيلپ لائن 1099 جي ڪردار تي به روشني وڌي جيڪي عورتن جي حقن جي تحفظ ۽ قانوني، سماجي ۽ مالي مدد فراهم ڪري رهيا آهن. ڪرسٽين عرب پاڪستان جي ڪاميابين کي ساراهيو جن ۾ ننڍپڻ جي شادي خلاف قانون، صنفي پاليسيون لاڳو ڪرڻ، صنف جي بنياد تي تشدد خلاف ٽيڪنالاجي جي استعمال ۽ قومي جينڊر ڊيٽا پورٽل شامل آهن. ملاقات ۾ عورتن خلاف تشدد جي خاتمي جي قومي پاليسي ۽ ماڻهن ۽ ڇوڪرن کي صنفي تشدد جي روڪٿام ۾ شامل ڪرڻ جي حڪمت عملي تي به ڳالهه ٻولهه ٿي، ڪرسٽين عرب پاڪستان ۾ عورتن بابت قانونن ۽ عالمي ذميوارين ۾ فعال ڪردار کي ساراهيو ۽ حڪومت جي عورتن جي حقن کي هٿي ڏيڻ ۾ قيادت جي واکاڻ ڪئي. ٻنهي پاسن کان مالي بااختياري، قانوني تحفظ ۽ سماجي حصيداري جهڙن اهم مسئلن تي تعاون جاري رکڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. وفاقي وزير خاطري ڪرائي ته حڪومت يو اين ويمن ۽ ٻين عالمي حصيدارن سان گڏجي صنفي برابري طرف تيز رفتار قدم جاري رکندي. ڪرسٽين عرب عالمي برادري طرفان تعاون جي خاطري ڪرائي ۽ پاڪستان جي انهن ڪوششن کي ساراهيو ته هو هڪ اهڙو معاشرو جوڙڻ چاهي ٿو جتي عورتون پنهنجي مڪمل صلاحيتن کي استعمال ۾ آڻي سگهن.











