اسلام آباد – 03 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائينز جي نجڪاري ۾ شفافيت ۽ ميرٽ اولين ترجيح آهي، نجڪاري جي لاءِ بڊنگ جو عمل سڄي ملڪ ۾ ٽي وي تي سڌوسنئون نشر ڪيو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پي آءِ اي جي نجڪاري ۾ حصو وٺندڙ سمورن بڊرز، ڪاروباري شخصيتن ۽ ڪمپنين جي نمائندن سان ڳالهائيندي ڪيو جن وزيراعظم هائوس …
پي آءِ اي جي نجڪاري ۾ شفافيت ۽ ميرٽ اولين ترجيح آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
اسلام آباد – 03 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائينز جي نجڪاري ۾ شفافيت ۽ ميرٽ اولين ترجيح آهي، نجڪاري جي لاءِ بڊنگ جو عمل سڄي ملڪ ۾ ٽي وي تي سڌوسنئون نشر ڪيو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پي آءِ اي جي نجڪاري ۾ حصو وٺندڙ سمورن بڊرز، ڪاروباري شخصيتن ۽ ڪمپنين جي نمائندن سان ڳالهائيندي ڪيو جن وزيراعظم هائوس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته پي آءِ اي جو وڃايل تشخص بحال ڪرڻ ۽ قومي ايئرلائين کي موجوده گهرجن سان هم آهنگ ڪرڻ جي لاءِ نجڪاري جو عمل جاري آهي. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته انشاءَالله جلد ئي پي آءِ اي هڪ ڀيرو ٻيهر ”گريٽ پيپل ٽو فلاءِ ود“ جي پنهنجي روايتن تي پورو لهندي. هن چيو ته پي آءِ اي جي نجڪاري جي عمل ۾ شفافيت ۽ ميرٽ کي يقيني بڻايو پيو وڃي، بڊنگ جو عمل سڄي ملڪ ۾ ٽي وي تي سڌوسنئون نشر ڪيو ويندو. وزيراعظم چيو ته پي آءِ اي جي سڄي دنيا ۾ اڏامن جي بحالي سان ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي لاءِ سهولت ٿيندي. هن چيو ته پاڪستان جي سياحتي شعبي جي ترقي جي لاءِ پڻ قومي ايئرلائين کي موجوده گهرجن سان هم آهنگ ڪرڻ انتهائي ضروري آهي. وزيراعظم ان اميد جو اظهار ڪيو ته جيڪو به بڊنگ کانپوءِ ان اهم ذميواري کي سنڀاليندو اهو قومي ايئرلائين جي تشخص جي بحالي ۽ ان جي ترقي اتي پنهنجون ڀرپور توانائيون مرڪوز ڪندو. وزيراعظم ٻڌايو ته پي آءِ اي جي بڊنگ 23 ڊسمبر 2025ع تي ٿيندي جنهن کي سموري ميڊيا تي سڌوسنئون نشر ڪيو ويندو. اجلاس ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سميت وفاقي وزيرن احد خان چيما، محمد اورنگزيب، عطاءُ الله تارڙ، اعظم نذير تارڙ، سردار اويس خان لغاري، مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني، وزيراعظم جي صلاحڪار محمد علي، خاص معاون هارون اختر ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. ملاقات ۾ پي آءِ اي جي نجڪاري جي لاءِ بڊنگ ۾ شرڪت ڪندڙ سمورن بڊرز شرڪت ڪئي. شرڪت ڪندڙن حڪومت پاران پي آءِ اي جي نجڪاير جي عمل ۾ پيشيواراڻي ۽ شفاف طريقيڪار کي ساراهيو.











