نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار پاران گڏيل خوشحالي جي لاءِ علائقائي رابطا اهم قرار

اسلام آباد – 03 ڊسمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار گڏيل خوشحالي جي لاءِ علائقائي رابطن کي اهم قرار ڏيندي چيو آهي ته دنيا ۾ وڌندڙ تڪرار عالمي عمل جي لاءِ خطرو آهن، پاڪستان عالمي امن ۽ سلامتي جي فروغ جي لاءِ ڪوششن ۾ مصروف آهي، ڏکڻ ايشيا کي وسيلن جي ورڇ خاص طور تي دريائي پاڻين تي وڌندڙ تڪرار درپيش آهن، ڄمون …

اسلام آباد – 03 ڊسمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار گڏيل خوشحالي جي لاءِ علائقائي رابطن کي اهم قرار ڏيندي چيو آهي ته دنيا ۾ وڌندڙ تڪرار عالمي عمل جي لاءِ خطرو آهن، پاڪستان عالمي امن ۽ سلامتي جي فروغ جي لاءِ ڪوششن ۾ مصروف آهي، ڏکڻ ايشيا کي وسيلن جي ورڇ خاص طور تي دريائي پاڻين تي وڌندڙ تڪرار درپيش آهن، ڄمون ۽ ڪشمير جهڙا پراڻا ۽ حل طلب سياسي تڪرار خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ خطرو آهن، شديد موسمي واقعن ۽ تيزي سان گليشيئرز جي پگهڙڻ سڄي دنيا ۾ پاڻي وسيلن، زراعت ۽ روزگار کي متاثر ڪيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽجڪ اسٽڊيز (آءِ ايس ايس آءِ) جي اهتمام هيٺ ٻن ڏينهن واري اسلام آباد ڪانڪليو 2025ع بعنوان ٿيميٽڪ فوڪس: ”ري اميجننگ سائوٿ ايشيا: سيڪيورٽي، معيشت، ڪلائميٽ، ڪنيٽيڪٽويٽي“ کي خطاب ڪندي ڪيو.ت قريب ۾ چيئرمين بورڊ آف گورنرز آءِ ايس ايس آءِ خالد محمود، آءِ ايس ايس آءِ جي ڊائريڪٽر جنرل سهيل محمود، سفارتي ڪور جي ميمبرن ۽ پرڏيهي پاليسي جي ماهرن، اسڪالرز، تعليمي ماهرن، پريڪٽيشنرز کانسواءِ پاڪستان ۽ خطي جي ٻين ملڪن سان تعلق رکندڙ مقررين پڻ شرڪت ڪئي. نائب وزيراعظم چيو ته پاڪستان هڪ اهڙي ڏکڻ ايشيا جو تصور ڪري ٿو جتي رابطا ورڇ جي جڳهه وٺن، معيشتون هم آهنگي سان ترقي ڪن، تڪرارن کي عالمي قانوني جواز موجب پرامن طريقي سان حل ڪيو وڃي ۽ جتي وقار ۽ عزت سان امن برقرار رهي. هن چيو ته پاڪستان ڏکڻ ايشيا جي بي پناهه صلاحيتن جو ادراڪ ڪرڻ جي لاءِ سمورن رضامند حصيدارن سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي. نائب وزيراعظم چيو ته دنيا ۾ وڌندڙ تڪرار عالمي عمل جي لاءِ خطرو آهن، يورپ، وچ اوڀر ۽ آفريقا ۾ تڪرارن سان گڏوگڏ غزه م فلسطينين جي اسرائيل پاران نسل ڪشيءَ سميت علائقائي بحران پڻ تازن ڏينهن جي ڪجهه ڪاري ترين بابن جي نمائندگي ڪن ٿا. هن چيو ته 25 مئي تي 92 ڪلاڪن جي پاڪ ڀارت جنگ ۾ خطرناڪ حد تائين وڌڻ جو امڪان هو، رياستن عالمي قانون ۽ گڏيل قومن جي چارٽر جي مقصدن ۽ اصولن کي نظرانداز ڪندي تڪرارن جي حل لاءِ طاقت جي استعمال سهارو ورتو آهي. هن چيو ته آمريڪا پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ وقت سر جنگبندي ڪرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان جارحيت کي ناڪام بڻائڻ ۽ ڊيٽرنس کي سگهه ڏيڻ جي لاءِ عزم ۽ صلاحيت جو مظاهرو ڪيو آهي، ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن جي لاءِ اسٽريٽجڪ استحڪام کي برقرار رکڻ  جي ضرورت آهي. هن چيو ته ڏکڻ ايشيا کي وسيلن جي ورڇ خاص طور تي دريائي پاڻين تي وڌندڙ تڪرار درپيش آهن جنهن جو مثال سنڌ پاڻي معاهدي تي ڀارت جي غيرقانوني ۽ هڪطرفي اعلان سان ملي ٿو. نائب وزيراعظم چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير جهڙا پراڻا ۽ حل طلب سياسي تڪرار خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ خطرو بڻيل آهن ڇو ته ڀارت ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه جو عمل 11 سالن کان وڌيڪ عرصي کان تعطل جو شڪار آهي. نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار موسمياتي تبديلي کي هڪ وجودي خطرو قرار ڏيندي چيو ته وڌندڙ گرمي پد، شديد موسمي واقعن ۽ تيزي سان گليشيئرز جي پگهڙڻ سڄي دنيا ۾ پاڻي وسيلن، زراعت ۽ روزگار کي متاثر ڪيو آهي. هن چيو ته انتهاپسنداڻي نظرين، سياسي پاپولزم، جمهوري پسپائي ۽ اسلامو فوبيا جو عروج پوري دنيا تي منفي اثر وجهي رهيو آهي. هن چيو ته پاڪستان جو هڪ واضح ۽ مستقل ويزن آهي جنهن جو محور هڪ منصفاڻو ۽ جامع عالمي نظام آهي ۽ هو بلاڪ پاليٽڪس جو مخالف آهي، پاڪستان گڏيل قومن ۾ گهڻ رخي جي پڻ حمايت ڪئي آهي ۽ هو ڳالهه ٻولهه ۽  سفارتڪاري، تڪرارن جي پرامن حل سميت عالمي تعاون ۽ يڪجهتي جي لازميت تي زور ڏئي رهيو آهي. نائب وزيراعظم چيو ته 2025/ 2026ع جي مدي جي لاءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي چونڊيل ميمبر جي حيثيت سان پاڪستان عالمي امن ۽ سلامتي جي فروغ جي لاءِ ڪوششن ۾ مصروف آهي. هن شرڪت ڪندڙن کي ٻڌايو ته ڏکڻ ايشيا جيڪو عالمي آبادي جو 25 سيڪڙو کان وڌيڪ آباد آهي، کي غربت، اڻبرابري ۽ ترقياتي چئلينجز درپيش آهن جن ۾ ناخواندگي، غذائي کوٽ، آمدني ۾ فرق، غذائي عدم تحفظ، قدرتي آفتن ۽ موسمياتي تبديلي جا اثر شامل آهن. گليشيئرز جي تيزي سان پگهڙڻ سان پاڻي جي سلامتي کي خطري جو ذڪر ڪندي سينيٽر اسحاق ڊار قابل تجديد توانائي، موسمياتي سمارٽ فارمنگ ۽ آفتن کي منهن ڏيڻ جي تياري ۾ سيڙپڪاري تي زور ڏنو. نائب وزيراعظم چيو ته پاڪستان تڪرارن جي حل لاءِ ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري جي حمايت ڪري ٿو، ڏکڻ ايشيا کي غربت، ناخواندگي ۽ قدرتي آفتن سميت ٻيا چئلينجز درپيش آهن. سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو ته ڏکڻ ايشيا ۾ موسمياتي تبديلي ۽ غذائي کوٽ جا چئلينجز سنگين ٿيندا پيا وڃن، موسمياتي تبديلي هن وقت تمام وڏو چئلينج آهي، گرمي پد ۾ اضافي ۽ ٻوڏ جا معيشت تي تباهي آڻيندڙ اثر پئجي رهيا آهن جڏهن ته ڏکڻ ايشيا جي خطي کي غربت،ناخواندگي، قدرتي آفتن سميت ٻيا چئلينجز پڻ درپيش آهن.