ڪرغزستان جو صدر اسلام آباد پهچي ويو، صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف سندس استقبال ڪيو

اسلام آباد – 03 ڊسمبر (اي پي پي) ڪرغزستان جو صدر صادر زپاروف ٻن ڏينهن جي دوري تي اسلام آباد پهچي ويو، صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف نور خان ايئربيس تي سندس شاندار استقبال ڪيو، وفاقي ڪابينا جا ميمبر ۽ اعليٰ عملدار پڻ ڪرغزستان جي صدر جي استقبال لاءِ موجود هئا. وزيراعظم محمد شهباز شريف به ساڻس پرجوش طريقي سان هٿ ملايو. روايتي لباس پهريل ٻارن …

اسلام آباد – 03 ڊسمبر (اي پي پي) ڪرغزستان جو صدر صادر زپاروف ٻن ڏينهن جي دوري تي اسلام آباد پهچي ويو، صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف نور خان ايئربيس تي سندس شاندار استقبال ڪيو، وفاقي ڪابينا جا ميمبر ۽ اعليٰ عملدار پڻ ڪرغزستان جي صدر جي استقبال لاءِ موجود هئا. وزيراعظم محمد شهباز شريف به ساڻس پرجوش طريقي سان هٿ ملايو. روايتي لباس پهريل ٻارن ڪرغزستان جي صدر صادر زپاروف کي گلدستو پيش ڪيو. ڪرغزستان جي صدر جي ان موقعي تي صدر ۽ وزيراعظم سان خوشگوار جملن جي ڏي وٺ ٿي. ٻنهي ملڪن جا جهنڊا پڪڙيل ٻارن معزز مهمانن کي ڀليڪار ڪيو. ڪرغزستان جي صدر کي اسلام آباد پهچڻ تي 21 توپن جي سلامي پڻ ڏني وئي. صدر صادر زپاروف دوري دوران وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ صدر آصف علي زرداري سان ملاقات ڪندو. هو وزيراعظم محمد شهباز شريف جي دعوت تي پاڪستان جي ٻن ڏينهن دوري تي آيو آهي. دوري جي دوران ڪرغزستان جو صدر اسلام آباد ۾ بزنس فورم کي خطاب پڻ ڪندو. ڪرغزستان جي صدر سان گڏ وفد ۾ اعليٰ سرڪاري عهديدار ۽ ڪاروباري شخصيتون پڻ شامل آهن.