اسلام آباد – 03 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف انڊونيشيا کي ٻوڏ ۽ ڇپون ڪرڻ سبب ٿيندڙ تباهي کانپوءِ بحالي ۽ نئين سر تعمير ۾ مدد جي آڇ ۽ هر ممڪن مدد جي خاطري ڪرائيندي چيو آهي ته پاڪستان ۽ انڊونيشيا موسمياتي تبديلي ۽ ان جي ڪري پيدا ٿيندڙ آفتن کان گڏيل طور متاثر آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن انڊونيشيا جي صدر پرابوو سوبيانتو سان ٽيليفون …
وزيراعظم پاران انڊونيشيا جي صدر کي ٻوڏ ۽ ڇپون ڪرڻ سبب ٿيندڙ تباهي کانپوءِ بحالي ۽ نئين سر تعمير ۾ مدد جي آڇ ۽ هر ممڪن مدد جي خاطري
اسلام آباد – 03 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف انڊونيشيا کي ٻوڏ ۽ ڇپون ڪرڻ سبب ٿيندڙ تباهي کانپوءِ بحالي ۽ نئين سر تعمير ۾ مدد جي آڇ ۽ هر ممڪن مدد جي خاطري ڪرائيندي چيو آهي ته پاڪستان ۽ انڊونيشيا موسمياتي تبديلي ۽ ان جي ڪري پيدا ٿيندڙ آفتن کان گڏيل طور متاثر آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن انڊونيشيا جي صدر پرابوو سوبيانتو سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف انڊونيشيا جي صدر پرابوو سوبيانتو سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو ۽ تازي قدرتي آفت، ٻوڏ ۽ ڇپون ڪرڻ سبب انڊونيشيا ۾ ٿيندڙ تباهي خاص طور تي سماٽرا ۾ قيمتي انساني جانين جي زيان تي انڊونيشيا جي عوام ۽ حڪومت سان پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام پاران دلي تعزيت ۽ گهري همدرديءَ جو اظهار ڪيو. وزيراعظم انڊونيشيا جي صدر سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ساڻس مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪيو ۽ پاڪستان پاران هر ممڪن امداد ۽ معاونت فراهم ڪرڻ جي خاطري ڪرائي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان قدرتي آفتن ۾ پنهنجي تجربن جي روشني ۾ انڊونيشيا سان وڏي پئماني تي ٻوڏ صورتحال سبب پيدا ٿيندڙ هنگامي حالتن، بحالي ۽ نئين سر تعمير جي ڪم ۾ مدد ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ انڊونيشيا ٻئي ملڪ موسمياتي تبديلي ۽ ان جي ڪري پيدا ٿيندڙ آفتن کان گڏيل طور تي متاثر آهن. وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي لاءِ قدرتي آفتن کان بچاءُ، آفت دوران وقت سر ردعمل ۽ موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت جي فروغ جي لاءِ گڏيل تعاون وڌائڻ جي اهميت کي پڻ اجاگر ڪيو. انڊونيشيا جي صدر پرابوو سوبيانتو وزيراعظم پاران انڊونيشيا جي عوام سان يڪجهتي جي اظهار ۽ جاني نقصانن تي تعزيت تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. هن ٻڌايو ته انڊونيشيائي عملدارن ان قدرتي آفت کي منهن ڏيڻ جي لاءِ فوري ۽ موثر قدم کنيا آهن. وزيراعظم چيو ته هو ايندڙ هفتي انڊونيشيا جي صدر جي پاڪستان جي سرڪاري دوري جو منتظر آهي. وزيراعظم چيو ته دورو امڪاني طور تي ٻنهي ملڪن جي اڳواڻن کي گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۽ ٻطرفي سفارتي لاڳاپن کي وڌيڪ مصبوط بڻائڻ جو اهم موقعو فراهم ڪندو.











