اسلام آباد-03 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي نائب صدر ۽ سينيٽ جي موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرپرسن سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته پاڪستان سستي تجديد جوڳي توانائي خاص ڪري سولر پاور جو رخ ڪيو آهي ۽ ملڪ ۾ روف ٽاپ سولر انقلابي رفتار سان وڌي رهيو آهي، اسان کي تعميرات لاءِ نوان ۽ جديد حل ڳولڻا پوندا. اهڙو اظهار هن سسٽين …
پاڪستان سستي تجديد جوڳي توانائي خاص ڪري سولر پاور جو رخ ڪيو آهي: سينيٽر شيري رحمان
اسلام آباد-03 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي نائب صدر ۽ سينيٽ جي موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرپرسن سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته پاڪستان سستي تجديد جوڳي توانائي خاص ڪري سولر پاور جو رخ ڪيو آهي ۽ ملڪ ۾ روف ٽاپ سولر انقلابي رفتار سان وڌي رهيو آهي، اسان کي تعميرات لاءِ نوان ۽ جديد حل ڳولڻا پوندا. اهڙو اظهار هن سسٽين ايبلٽي سمٽ اينڊ ايوارڊ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته پاڪستان سسٽين ايبلٽي سمٽ جو بنيادي ڌيان پائيدار تعميرات تي هجڻ گهرجي، پاڪستان ۾ گرين بلڊنگ ڪوڊز موجود آهن پر ان تي عملدرآمد نهايت گهٽ آهي، ڪلائميٽ رسڪ انڊيڪس 2002ع موجب پاڪستان دنيا جو سڀ کان وڌيڪ ماحولياتي اثرن جو شڪار ملڪ آهي، شهري رٿابندي ۽ مستقبل جي تعميرات ۾ اربنائيزيشن کي بنيادي طور سمجهڻ ضروري آهي، سيمينٽ جي صنعت ملڪ جي 49 سيڪڙو خرچن جي ذميوار آهي. شيري رحمان چيو ته تعميراتي طريقن کي لازمي طور تي پائيدار جي رستي تي آڻڻو پوندو، بلڊنگ ڪوڊز ۾ سرڪلر ماڊلز ۽ ري يوز جو اصول شامل ڪرڻو اڻٽر آهي، حڪومت کي انفرا اسٽرڪچر جي مضبوطي کي يقيني بڻائڻو پوندو ته جيئن ماڻهو محفوظ ۽ پائيدار زندگي گذاري سگهن. هن چيو ته پاڪستان ۾ اربنائزيشن تيزي سان وڌندڙ رجحان آهي، اسان وٽ پري اربن علائقا آهن جتي وڏي پکيڙ هاڻي ڳوٺن جي شڪل اختيار ڪري رهيا آهن، انهن وستين کي مناسب ويسٽ ڊسپوزل جي ضرورت آهي، پاڪستان جو 88 سيڪڙو علائقو نيم شهري نوعيت رکي ٿو، پاڪستان ايشيا ۾ تيز ترين اربنائزيشن ڪندڙ ملڪن ۾ شامل آهي، اسان کي روايتي تعميراتي ماڊلز کان هٽي ڪري ٻيهر استعمال جوڳن وسيلن تي ٻڌل تعميرات اختيار ڪرڻي پوندي. سينيٽر شيري رحمان چيو ته ويسٽ ۾ گهٽتائي، مواد جي موثر استعمال ۽ سرڪلر معيشت طرف وڃڻ ضروري آهي، اسان جي تعميراتي شين کي وڌيڪ پائيدار هجڻ گهرجي ته جيئن ڪميونٽيز جي تعمير بهتر ٿي سگهي، ان ۾ غير رسمي تعميراتي شعبي کي به شامل ڪرڻ ضروري آهي. هن چيو ته پاڪستان سستي تجديد جوڳي توانائي خاص ڪري سولر پاور جو رخ ڪيو آهي ۽ ملڪ ۾ روف ٽاپ سولر انقلابي رفتار سان وڌي رهيو آهي، ملڪ ۾ توانائي جي فراهمي هاڻي ضرورت کان وڌيڪ ٿي چڪي آهي. هن چيو ته اسان کي تعميرات لاءِ نوان ۽ جديد حل ڪرڻا پوندا. تعميرات جو مستقبل ري جنريٽيو ماڊلز تي ٻڌل آهي جنهن ۾ ريڊيوس، ري يوز ۽ ري سائيڪل جا اصول شامل آهن. پاڪستان ۾ عملي ميدان ۾ ري يوز ۽ ري سائيڪلنگ ٿيندي آهي پر سرڪاري انگ اکر حيران ڪندڙ حد تائين گهٽ آهن. شيري رحمان چيو ته عالمي سطح تي 9 سيڪڙو جڏهن ته پاڪستان ۾ پلاسٽڪ جي صرف هڪ سيڪڙو ري سائيڪلنگ ٿي رهي آهي، هاڻي ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اهڙا حل تلاش ڪيا وڃن ۽ کين ڊگهي بنيادن تي وڏي پئماني تي لاڳو ڪيو وڃي، اسان کي ڏسڻو پوندو ته پاڪستان ۾ ڇا موثر ٿي سگهي ٿو ۽ ڇا اختيار ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته ملڪ جي 30 سيڪڙو ڪچري جو تعلق تعميراتي ۽ ڊيموليشن ويسٽ سان آهي، پاڪستاني قوم بچت ڪرڻ جي عادي آهي ۽ اسان مڪمل طور تي ويسٽ اڪانامي نه آهي، اسان تمام گهڻو ڪچرو پيدا ڪندا آهيون پر ان کي وڏي حد تائين ٻيهر استعمال به ڪريون ٿا، راول ڊيم ۾ روزانو 9 ملين گيلن ڪچرو وڌو پيو وڃي. هن چيو ته لميٽيڊ مصنوعات ۽ ايڪو برڪس کي هٿي ڏيڻ ضروري آهي ته جيئن پائيدار تعميرات ممڪن ٿي سگهي، سيمينٽ ۽ اسٽيل سڀ کان گهڻي گدلاڻ پکيڙڻ وارا شعبا آهن، نيڌر لينڊز ۽ فن لينڊ ان حوالي سان سنجيده قدم کنيا آهن، تعميرات ۾ اهڙو سامان استعمال ڪرڻو پوندو جيڪو مڪمل طور تي پائيدار هجي، ڪراچي جا سرڪلر پراجيڪٽس ان رخ ۾ اهم اڳڀرائي جو مثال آهن، اهي سمورا قدم اوهان جي فيڊريشن طرف ئي انجام ڏيڻ گهرجن، تعميراتي صنعت لاءِ واضح سنگ ميل مقرر ڪيا وڃن، ايس پي ايڇ ايف جو ڪردار ان سلسلي ۾ نهايت اهم آهي.











