درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري

اسلام آباد -03 ڊسمبر (اي پي پي) واپڊا ملڪي درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪيا آهن. اربع ڏينهن جاري ڪيل انگن اکرن مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 20 هزار 400 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 33 هزار ڪيوسڪ، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 7 هزار 200 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 7 هزار 200 ڪيوسڪ، خيرآباد پل تي پاڻي …

اسلام آباد -03 ڊسمبر (اي پي پي) واپڊا ملڪي درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪيا آهن. اربع ڏينهن جاري ڪيل انگن اکرن مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 20 هزار 400 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 33 هزار ڪيوسڪ، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 7 هزار 200 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 7 هزار 200 ڪيوسڪ، خيرآباد پل تي پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 15 هزار 900 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 15 هزار 900 ڪيوسڪ، جهلم درياهه ۾ منگلا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 5 هزار 400 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 30 هزار ڪيوسڪ، چناب درياهه ۾ مرالا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 7 هزار 200 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 1 هزار 500 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. بئراجن جي صورتحال موجب گڊو بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 56 هزار 100 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 49 هزار 100 ڪيوسڪ، سکر بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 42 هزار 100 ۽ هيٺانهون وهڪرو 13 هزار 200 ڪيوسڪ، ڪوٽڙي بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 10 هزار 100 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو هڪ هزار ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. آبي ذخيرن جي صورتحال مطابق تربيلا ڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1402 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1492.29 فوٽ ۽ ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 1550 فوٽ، استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 2.760 ملين ايڪڙ فوٽ، منگلا ڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1050 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1216.35 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 1242 فوٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 5.347 ملين ايڪڙ فوٽ ۽ چشمه بئراج جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 638.15 فوٽ، پاڻي جي موجوده سطح 648.40 فوٽ بئراج ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 649 فوٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 0.280 ملين ايڪڙ فوٽ رڪارڊ ڪيو ويو آهي.