اسلام آباد - 03 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي خاص ھدايت تي سريلنڪا ۾ سامونڊي طوفان سبب ٻوڏ متاثر علائقن ۾ ڳولا ۽ بچاءَ جي ڪاررواين لاءِ خصوصي ٽيم رواني ڪئي وئي آھي. گذريل ڏينھن اين ڊي ايم اي طرفان جاري بيان مطابق سريلنڪا ۾ سامونڊي طوفان سبب ٻوڏ جي تباھين ۽ سريلنڪا جي حڪومت طرفان امداد جي اپيل کي نظر ۾ رکندي پاڪستان جي حڪومت متاثرن لاءِ امدادي …
وزيراعظم جي خاص ھدايت تي سريلنڪا ۾ سامونڊي طوفان سبب ڳولا ۽ بچاءَ وارين ڪارروائين لاءِ خصوصي ٽيم رواني
اسلام آباد – 03 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي خاص ھدايت تي سريلنڪا ۾ سامونڊي طوفان سبب ٻوڏ متاثر علائقن ۾ ڳولا ۽ بچاءَ جي ڪاررواين لاءِ خصوصي ٽيم رواني ڪئي وئي آھي. گذريل ڏينھن اين ڊي ايم اي طرفان جاري بيان مطابق سريلنڪا ۾ سامونڊي طوفان سبب ٻوڏ جي تباھين ۽ سريلنڪا جي حڪومت طرفان امداد جي اپيل کي نظر ۾ رکندي پاڪستان جي حڪومت متاثرن لاءِ امدادي قدم شروع ڪيا آھن، وزيراعظم جي خصوصي ھدايت تي گذريل ڏينھن صبح جو سريلنڪا جي متاثر علائقن ۾ ڳولا ۽ بچاءَ وارين ڪارروائين لاءِ خاص ٽيم رواني ڪئي وئي آھي، پاڪ فضائيه جو سي-130 جھاز امدادي ڪاررواين ۾ حصو وٺڻ لاءِ 47 رڪني ٽيم سيمت 6.5 ٽن ضروري اوزار کڻي سريلنڪا پھچندو. سامان جي روانگي واري تقريب ۾ سريلنڪا جي سفير سميت وفاقي وزير طارق فضل چوڌري ۽ چيئرمين اين ڊي ايم اي ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ موجود ھو. ان موقعي تي ڳالھائيندي پارلياماني معاملن بابت وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو ته اين ڊي ايم اي، پاڪستان ۽ ٻين ملڪن ۾ آفتن جي نتيجي ۾ ۾ ٿيندڙ تباھي ۽ خراب اثرن کي منھن ڏيڻ لاءِ ھر وقت ڪوششن ۾ آھي، وزيراعظم طرفان گذريل ڏينھن سريلنڪا جي صدر سان ڳالھيون ٿيون ۽ ٻين متاثر ملڪن انڊونيشيا، ٿائلينڊ ۽ ملائيشيا سان به رابطو ڪيو پيو وڃي. ان موقعي تي سريلنڪا جي سفير چيو ته فوري امداد جي فراھمي تي پاڪستاني عوام ۽ حڪومت جا ٿورائتا آھيون. واضح رھي ته اين ڊي ايم اي ڪولمبو کان لاھور ھلندڙ سريلنڪن ايئر لائن ذريعي به امدادي سامان روانو ڪندي. گذريل ڏينھن وزيراعظم جي خصوصي ھدايت تي اين ڊي ايم اي 200 ٽن امدادي سامان سامونڊي جھاز ذريعي به سريلنڪا روانو ڪيو . روانو ڪيل سامان ۾ خيما، ڪمبل، لائف جيڪٽس، ٻيڙيون، پاڻي ڪڍڻ جا پمپس /ڊي واٽرنگ پمپس، ليمپس، مڇر دانيون، ٻارن جو خشڪ کير، تيار خوراڪ ۽ دوائون شامل آھن. پاڪستان نيوي جا سامونڊي جھاز ۽ ھيلي ڪاپٽر اڳ ئي سريلنڪا ۾ امدادي ڪاررواين ۾ مصروف آھن. سريلنڪا جي صدر جي پاڪستان جي وزيراعظم سان خصوصي درخواست کانپوءِ اين ڊي ايم اي پاڪ آرمي جي عارضي پل به سريلنڪا روانو ڪري رھي آھي. پاڪستان طرفان سريلنڪا جي متاثرن جي امداد لاءِ ھر ممڪن ڪوششون جاري رھنديون.











