اسلام آباد – 03 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته صحافين جي حقن جي تحفظ جي لاءِ قومي ڪميشن قائم ٿي چڪي آهي ۽ پي آر اي جي پليٽ فارم تان صحافين جي حقن جي تحفظ جي لاءِ تجويزن جي آجيان ڪنداسين. اها ڳالهه هن پارلياماني رپورٽرز ايسوسيئيشن جي نئين چونڊيل عهديدارن جي حلف برداري جي تقريب کي خطاب ڪندي …
صحافين جي حقن جي تحفظ جي لاءِ قومي ڪميشن قائم ٿي چڪي آهي: عطاءُ الله تارڙ
اسلام آباد – 03 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته صحافين جي حقن جي تحفظ جي لاءِ قومي ڪميشن قائم ٿي چڪي آهي ۽ پي آر اي جي پليٽ فارم تان صحافين جي حقن جي تحفظ جي لاءِ تجويزن جي آجيان ڪنداسين. اها ڳالهه هن پارلياماني رپورٽرز ايسوسيئيشن جي نئين چونڊيل عهديدارن جي حلف برداري جي تقريب کي خطاب ڪندي چئي. اطلاعات واري وفاقي وزير نئين چونڊيل عهديدارن کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته پي آر اي سان سدائين گهرو رشتو رهيو آهي ۽ پريس گيلري ايوان جو هڪ لازمي حصو سمجهيو وڃي ٿي. هن چيو ته پي آر اي سدائين قومي، سماجي ۽ صحافتي مسئلن تي مضبوط ۽ فعال آواز جي طور تي سامهون آئي آهي. صحايف جڏهن واڪ آئوٽ ڪن ٿا ته انهن کي اها ئي عزت ۽ پروٽوڪول ملي ٿو جيڪو ڪنهن ايوان جي ميمبر کي حاصل هوندو آهي، اهو هڪ منفرد اعزاز آهي. هن پي آر اي کي پارلياماني عمل ۽ پارلياماني جمهوري نظام جو مضبوط حصو قرار ڏنو ۽ چيو ته سندس سدائين ڪوشش رهي آهي ته صحافين سان رابطو برقرار رهي. اطلاعات واري وفاقي وزير صحافين جي مسئلن جي حل لاءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو ته صحاين جي روزگار جي تحفظ کي يقيني بڻايو ويندو. هن چيو ته صحافين کي پنهنجو تڪ ۽ ان جو نگهبان سمجهندو آهيان. هن پي آر اي جي ڪردار کي وڌيڪ فعال بڻائڻ ۽ ورڪنگ ماحول بهتر بڻائڻ جي لاءِ تجويزن تي عملدرامد جي خاطري ڪرائي. هن چيو ته پي آر اي صحافين کي نوڪرين مان ڪڍڻ جي مسئلي تي جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي کي پنهنجون تجويزون موڪلي ته جيئن مسئلن جو گڏيل حل ڪڍي سگهجي. هن جاب سيڪيورٽي کي بنيادي حق قرار ڏيندي چيو ته سدائين صحافين سان گڏ بيٺل رهنداسين. وفاقي وزير چيو ته جرنلسٽس پروٽيڪشن ڪميشن قائم ٿي چڪي آهي جيڪا خوش آئنده آهي، ڪميشن ۾ سمورين صحافتي تنظيمن جي نمائندگي موجود آهي جنهن ۾ نيشنل پريس ڪلب، پي آر اي، پي ايف يو جي، خيبر يونين آف جرنلسٽس سميت پنجاب، سنڌ ۽ بلوچستان جي نمائندگي پڻ شامل آهي. هن چيو ته ڪميشن جو پهريون اجلاس ٿي چڪو آهي ۽ هاڻي پي آر اي ورڪنگ ماحول ۽ ٻين مسئلن جي حوالي سان پنهنجون تجويزون ڏي جنهن جي آجيان ڪنداسين.











