نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار پاران گڏيل خوشحالي جي لاءِ علائقائي رابطا اهم قرار

اسلام آباد – 03 ڊسمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار گڏيل خوشحالي جي لاءِ علائقائي رابطن کي اهم قرار ڏيندي چيو آهي ته دنيا ۾ وڌندڙ تڪرار عالمي عمل جي لاءِ خطرو آهن، ڀارت هڪطرفي طور تي سنڌ طاس معاهدو معطل ڪرڻ جو اعلان ڪيو، ڪشمير تڪرار جي حل نه ٿيڻ سان خطي جي امن کي خطرو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن …

اسلام آباد – 03 ڊسمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار گڏيل خوشحالي جي لاءِ علائقائي رابطن کي اهم قرار ڏيندي چيو آهي ته دنيا ۾ وڌندڙ تڪرار عالمي عمل جي لاءِ خطرو آهن، ڀارت هڪطرفي طور تي سنڌ طاس معاهدو معطل ڪرڻ جو اعلان ڪيو، ڪشمير تڪرار جي حل نه ٿيڻ سان خطي جي امن کي خطرو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽجڪ اسٽڊيز جي اهتمام هيٺ ٻن ڏينهن واري اسلام آباد ڪانڪليو 2025ع بعنوان ٿيميٽڪ فوڪس: ”ري اميجننگ سائوٿ ايشيا: سيڪيورٽي، معيشت، ڪلائميٽ، ڪنيڪٽيويٽي“ کي خطاب ڪندي ڪيو. نائب وزيراعظم چيو ته پاڪستان تڪرارن جي حل لاءِ ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري جي حمايت ڪري ٿو، ڏکڻ ايشيا کي غربت، ناخواندگي ۽ قدرتي آفتن سميت ٻيا چئلينجز درپيش آهن. سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو ته گذريل مئي ۾ پاڪ ڀارت جنگ خطرناڪ ثابت ٿي سگهي پئي. هن چيو ته ڏکڻ ايشيا ۾ سيڪيورٽي جو منظرنامو پڻ تمام گهڻو پيچيده آهي، اهو سڀ کان وڌيڪ آبادي وارو خطو آهي ان لاءِ ڏکڻ ايشيا جي ملڪن کي پنهنجي مسئلن جي حل بابت سنجيدگي سان سوچڻو پوندو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير چيو ته موسمياتي تبديلي هن وقت هڪ وڏو چئلينج آهي، عالمي معاشي منظرنامو تبديل ٿي رهيو آهي، ڏکڻ ايشيا ۾ موسمياتي تبديلي ۽ غذائي کوٽ جا چئلينجز سنگين ٿيندا پيا وڃن، گرمي پد ۾ اضافي ۽ ٻوڏ جا معيشت تي تباهي آڻيندڙ اثر پئجي رهيا آهن. هن چيو ته اسرائيل غزه ۾ انسانيت جو قتل عام ڪيو. نائب وزيراعظم چيو ته ڪشمير تڪرار جي حل نه ٿيڻ سان خطي جي امن کي خطرو آهي، پاڪستان تڪرارن جي حل لاءِ ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري جي حمايت ڪري ٿو. سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو ته ڏکڻ ايسيا ۾ موسمياتي تبديلي ۽ غذائي کوٽ جا چئلينجز سنگين ٿيندا پيا وڃن، موسمياتي تبديلي هن وقت تمام وڏو چئلينج آهي، گرمي پد ۾ اضافي ۽ ٻوڏ جا معيشت تي تباهي آڻيندڙ اثر پئجي رهيا آهن جڏهن ته ڏکڻ ايشيا جي خطي کي غربت، ناخواندگي، قدرتي آفتن سميت ٻيا چئلينجز درپيش آهن. انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽجڪ اسٽڊيز اسلام آباد جي اهتمام هيٺ ٻن ڏينهن واري اسلام آباد ڪانڪليو جي ٻئي ڏينهن خميس پڄاڻي واري سيشن ۾ پرڏيهي سيڪريٽري آمنه بلوچ خاص مهمان جي حيثيت سان شريڪ ٿيندي.