اسلام آباد – 03 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي دعوت تي جمهوريه ڪرغزستان جو صدر سادير نور گوز جاپاروف اربع ڏينهن 3 کان 4 ڊسمبر تائين پاڪستان جو پهريون سرڪاري دورو ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب ڪرغزستان جي صدر سان اعليٰ سطحي وفد پڻ گڏ هوندو جنهن ۾ ڪابينا جا سينيئر وزير، اعليٰ عهديدار ۽ ڪاروباري اڳواڻ شامل آهن. ڪرغزستان جي صدر …
وزيراعظم محمد شهباز شريف جي دعوت تي جمهوريه ڪرغزستان جو صدر 3 کان 4 ڊسمبر تائين پاڪستان جو پهريون سرڪاري دورو ڪندو
اسلام آباد – 03 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي دعوت تي جمهوريه ڪرغزستان جو صدر سادير نور گوز جاپاروف اربع ڏينهن 3 کان 4 ڊسمبر تائين پاڪستان جو پهريون سرڪاري دورو ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب ڪرغزستان جي صدر سان اعليٰ سطحي وفد پڻ گڏ هوندو جنهن ۾ ڪابينا جا سينيئر وزير، اعليٰ عهديدار ۽ ڪاروباري اڳواڻ شامل آهن. ڪرغزستان جي صدر جي دوري دوران صدر سان ملاقات متوقع آهي، هو وزيراعظم سان ملاقات ۽ وفدن جي سطح تي ڳالهه ٻولهه ڪندو جڏهن ته سندس پاڪستان ڪرغزستان بزنس فورم کي خطاب پڻ متوقع آهي. ڳالهه ٻولهه دوران ڌريون ٻطرفي لاڳاپن جي مڪمل اسپيڪٽرم جو جائزو وٺنديون ۽ واپار، توانائي، دفاع، تعليم، عوام سان عوام جي مٽاسٽا ۽ علائقائي رابطن سميت مختلف شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندا. ياد رهي ته جمهوريه ڪرغزستان جي صدر پاران پاڪستان جو آخري دورو جنوري 2005ع ۾ ٿيو هو. بيان موجب اهو دورو پاڪستان ۽ جمهوريه ڪرغزستان جي وچ ۾ ڀائراڻي لاڳاپن جي عڪاسي ڪري ٿو جنهن جون پاڙون گڏيل تاريخ، عقيدي ۽ وچ ۽ ڏکڻ ايشيا ۾ امن ۽ خوشحالي جي گڏيل خواهشن تي ٻڌل آهن. اميد آهي ته ان دوري سان ٻطرفي تعاون کي نئين رفتار ملندي ۽ علائقائي ۽ گهڻ رخي فورمز تي تعاون کي سگهه ملندي.











