وزيراعظم پاران ڊيره اسماعيل خان ۾ پوليس موبائيل تي دهشتگرد حملي جي مذمت

اسلام آباد – 03 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڊيره اسماعيل خان ۾ پوليس موبائيل تي دهشتگرد حملي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته دهشتگردي جي لعنت جي مڪمل خاتمي تائين ان جي خلاف جنگ جاري رکنداسين. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم حملي ۾ 3 پوليس اهلڪارن جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو ۽ شهيدن جي درجن جي …

اسلام آباد – 03 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڊيره اسماعيل خان ۾ پوليس موبائيل تي دهشتگرد حملي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته دهشتگردي جي لعنت جي مڪمل خاتمي تائين ان جي خلاف جنگ جاري رکنداسين. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم حملي ۾ 3 پوليس اهلڪارن جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو ۽ شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر جي دعا ڪئي آهي. وزيراعطم هدايت ڪئي ته حملي ۾ زخمي ٿيندڙ اهلڪار کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪيون وڃن. وزيراعظم چيو ته خيبرپختونخواهه پوليس جي دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ عظيم قربانين کي مون سميت پوري قوم خراج تحسين پيش ڪري ٿي. وزيراعظم چيو ته واقعي جي ذميوارن جو تعين ڪري انهن کي سخت سزا ڏياري وڃي.